ڪشمير ۾ ظلم، برطانوي پارليامينٽ آڏو احتجاج ڪنداسين، پرڏيهي وزير جو وڏو اعلان

اسلام آباد(بيورو) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته 4 ۽ 5 فيبروري تي لنڊن ۾ برطانوي پارليامينٽ جي سامهون والاريل ڪشمير ۾ ظلمن جي خلاف احتجاج ڪيو ويندو. تفصيل موجب پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جو آل پارٽيز حريت ڪانفرنس جي چيئرمين مير واعظ عمر فاروق سان ٽيليفونڪ رابطو ٿيو آهي جنهن ۾ ڪشمير مسئلي ۽ ڀارتي ظلمن کي عالمي سطح تي اجاڳر ڪرڻ جي معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. ان موقعي تي پرڏيهي وزير جو چوڻ هو ته پاڪستان والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين جو معاملو هر فورم تي کنيو آهي ۽ ان سلسلي کي برقرار رکندي 4 ۽ 5 فيبروري تي لنڊن ۾ برطانوي پارليامينٽ جي سامهون والاريل ڪشمير ۾ مظلمن جي خلاف احتجاج ڪيو ويندو جڏهن ته گڏوگڏ ئي لنڊن ۾ ڪشميرين تي ٿيل ظلمن تي تصويري نمائش جو به بندوبست ڪيو ويندو.  پرڏيهي وزير سان ڳالهائيندي مير واعظ عمر فاروق ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته ڪشمير مسئلو عالمي سطح تي اجاڳر ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جا بندوبست فخر جوڳا آهن. مير واعظ عمر فاروق جو چوڻ هو ته لنڊن ۾ احتجاجي مظاهري ۾ شرڪت جا خواهش مند آهيون.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *