ماڻهو کنڀي گم ڪرڻ ڏوهه قرار، قانون سازي لاءِ مسودو تيار

اسلام آباد (بيورو) انساني حقن جي وفاقي وزير ۽ تحريڪ انصاف اڳواڻ شيرين مزاري چيو آهي ته جبري گمشدگين کي ڏوهه قرار ڏيڻ لاءِ مسودو تيار ڪيو ويو آهي. تحريڪ انصاف حڪومت جبري گمشدگين جي معاملي تي قانون ۾ ترميم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو  آهي.  سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي پيغام ۾ شيرين مزاري چيو ته جبري گمشدگي کي ڏوهه قرار ڏيڻ لاءِ مسودو تيار ڪيو آهي ۽ انساني حقن جي وزارت مسودو قانون واري وزارت کي موڪلي ڇڏيو آهي. هن چيو ته مسودي ۾ پاڪستان پينل ڪوڊ ۾ ترميمون ڪيون ويون آهن. سندس چوڻ هو ته 2 هفتا اڳ جبري گمشدگي کي مجرماڻو فعل قرار ڏيڻ تي مشاورت ڪئي ۽ ان معاملي تي سمورن اسٽيڪ هولڊرن سان مشاورت ڪئي وئي آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *