سنڌ حڪومت زخمين جي فوري طور علاج جو قانون سنڌ اسيمبلي ۾ پيش ڪري ڇڏيو

ڪراچي (م ڊ) سنڌ حڪومت زخمين جي فوري طور علاج جو قانون سنڌ اسيمبلي ۾ پيش ڪري ڇڏيو آهي. تجويز ڪيل قانون جي مسودي تحت سمورين سرڪاري ۽ خانگي اسپتالن لاءِ زخمين جو فوري طور علاج لازمي هوندو ۽ ڪا به سرڪاري يا خانگي اسپتال زخمي جي علاج کان انڪار نه ڪندي. مسودي ۾ چيو ويو آهي ته خانگي اسپتال ۾ زخمي جي هنگامي علاج جو خرچ حڪومت ادا ڪندي ۽ علاج دوران ڪنهن به زخمي شخص کي حراست ۾ وٺي سگهبو، نه ئي پوليس يا قانون لاڳو ڪندڙ ادارا زخمي کان پڇا ڳاڇا ڪندا، قانون ۾ ڀڃڪڙي تي 5 لک رپيا ڏنڊ جي سزا به تجويز ڪئي وئي آهي. بل جي حوالي سان وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ايوان ۾ خطاب ڪندي چيو ته ان قانون تحت هر زخمي کي علاج ڏيڻ لازمي هوندو، هاڻ ڪا اسپتال ڪنهن به زخمي جي علاج کان انڪار نه ڪندي ۽ ان قانون سان زخمين جو لازمي علاج ممڪن ٿيندو، جڏهن ته هر زخمي جي علاج جو خرچ حڪومت ڏيندي. هن چيو ته اسان امل عمر جي والدين سان واعدو ڪيو هو ته قانون سازي ڪنداسين، امل کي جڏهن ڊفينس ۾ گولي لڳي ته اسپتال ٻارڙيءَ جي علاج کان انڪار ڪيو ۽ ايمبولينس تائين نه ڏني. سندس چوڻ هو ته اسان فيصلو ڪيو هو ته پوليس اهلڪارن کان ڳرا هٿيار ورتا ويندا ۽ هيل تائين پوليس اهلڪارن کان 70 سيڪڙو ڳرا هٿيار واپس ورتا ويا آهن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *