ڪراچي ( م ڊ ) نقيب الله قتل ڪيس جي جاچ ڪندڙ ڪميٽي نقيب سميت چئن ماڻهن جو قتل عدالت کان مٿڀرو قرار ڏئي ڇڏيو، عدالت نقيب الله ۽ ٻين خلاف داخل پنج ڪيس ختم ڪرڻ جي رپورٽ به منظور ڪري ورتي. نقيب الله قتل ڪيس جي جاچ ڪندڙ ڪميٽي پنهنجي رپورٽ دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏي. انڪوائري ڪميٽي جي رپورٽ موجب نقيب الله، صابر، نذر جان ۽ اسحاق کي دهشتگرد قرار ڏئي ويران هنڌ تي قتل ڪيو ويو، انڪوائري ڪميٽي ۽ جاچ آفيسر واقعي واري هنڌ جو معائنو ڪيو، پولٽري فارم ۾ نه ئي گولين جا نشان مليا ۽ نه وري دستي بم ڦاٽڻ جا آثار مليا. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته حالتن ۽ واقعن توڙي شاهدين جي روشني ۾ هي مقابلو جڙتو، ڪوڙو ۽ بي بنياد آهي، چئن ماڻهن کي ڪمري ۾ قتل ڪرڻ بعد هٿيار ۽ گوليون وڌيون ويون، رائو انوار ۽ سندس ساٿي واقعي واري هنڌ موجود هئا.