اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم عمران خان چيو آهي اپوزيشن جي مطالبي تي ساهيوال سانحي تي جڊيشل ڪميشن ٺاهڻ لاءِ تيار آهيون. قومي اسيمبلي اجلاس کان اڳ وزيراعظم جي صدارت هيٺ تحريڪ انصاف پارلياماني ڪميٽي جو اجلاس ٿيو. ذريعن موجب اجلاس ۾ موجود پي ٽي آءِ ميمبرن ساهيوال ۾ پيش آيل افسوس ناڪ واقعي تي پنجاب حڪومت تي ڇتي تنقيد ڪئي. پارٽي اڳواڻن جو چوڻ هو ته پنجاب حڪومت ساهيوال واقعي کي مس هينڊل ڪيو، پنجاب حڪومت طرفان واقعي تي گهڙي گهڙي موقف تبديل ڪرڻ سان حڪومت تي ٺٺول ٿي. وزيراعظم عمران خان چيو ته مان پاڻ ساهيوال واقعي جي جاچ جي نگراني ڪري رهيو آهيان، اپوزيشن جي مطالبي تي جاچ لاءِ جڊيشل ڪميشن به ٺاهڻ لاءِ تيار آهيان، اپوزيشن چاهي ته نئين جي آءِ ٽي به جوڙي سگهجي ٿي، اپوزيشن ٻڌائي ته جاچ ۾ ڪهڙن آفيسرن کي شامل ڪرڻو آهي. سندس چوڻ هو ته ساهيوال واقعي جي ذميوارن کي انجام تائين پهچايو ويندو، شفاف جاچ ڪرائي سڀ ڪجهه عوام سامهون رکنداسين.