ڪراچي (م ڊ) سنڌ حڪومت جي صلاحڪار مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته هر شيءَ جو الزام ماضي جي حڪومتن تي مڙهڻ درست عمل ناهي. مخالف ڌر جي بيانن کي درست رخ ۾ ورتو وڃي. فواد چوڌري جو واسطو جهموريت يا عوام سان نه طاقت سان آهي. سندس نالو صرف بيانن جي حد تائين آهي. تفصيل موجب سنڌ جي وڏي وزير جي صدارت هيٺ امن امان جي صورتحال بابت اجلاس کانپوءِ صوبائي صلاحڪار مرتضيٰ وهاب صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اڄ صبح وارو اجلاس امن امان جي صورتحال بابت ٿيو، هن هفتي ڪو وڏو واقعو ناهي ٿيو. هن ٻڌايو ته وڏي وزير کي ڪورنگي واري واقعي تي به بريفنگ ڏني وئي، وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته پوليس 70 هزار ليٽر ڊيزل تحويل ۾ ورتي. وڏي وزير پوليس آفيسرن کي ڪريڪ ڊائون ڪرڻ جي هدايت ڏني. مرتضيٰ وهاب جو چوڻ هو ته ڪراچي ۾ هنڌ هنڌ ناڪن ۽ چيڪ پوائنٽن تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، وڏي وزير ٽريفڪ جي رواني متاثر نه ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. فينسي نمبر پليٽن بابت فوري طور ڪريڪ ڊائون جي هدايت ڪئي وئي آهي. هن چيو ته وڏي وزير جعلي نمبر پليٽن وارين گاڏين خلاف ڪارروائي تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي، ايڪسائز کاتي ۾ اٽڪل 1 لک 60 هزار نمبر پليٽون تيار آهن. صوبائي صلاحڪار چيو ته وفاقي حڪومت طرفان هڪ مني بجيٽ جو بم ڪيرايو پيو وڃي. وفاقي حڪومت جي دوستن کي گذارش آهي ته عوام جو احساس ڪريو، مخالف ڌر جي بيانن کي درست رخ ۾ ورتو وڃي. سيف سٽي بابت پروپوزل تيار ٿي رهيو آهي، جلد ڪم شروع ٿي ويندو. مرتضيٰ وهاب چيو ته اظهار جي آزادي جي به هڪ حد هوندي آهي، سڀ ڪجهه ناهي ڳالهائڻو هوندو، فواد چوڌري جو واسطو جهموريت يا عوام سان نه پر طاقت سان آهي. سندن نالو صرف بيانن جي حد تائين آهي. هر شيءَ جو الزام ماضي جي حڪومتن تي مڙهڻ درست عمل ناهي.