ڪراچي (م ڊ) سنڌ جي راڄڌاني واري شهر ڪراچي جي علائقي لانڍي ۾ نادرا جي آفيس ۾ چوري وارو واقعو پيش آيو آهي، جوابدار 18 سئو سڃاڻپ ڪارڊ ۽ داخلا جو رجسٽر کڻي فرار ٿي ويو آهي. تفصيل موجب نادرا جي لانڍي واري آفيس ۾ چوري جو واقعو پيش آيو آهي جتي وڏي انگ ۾ سڃاڻپ ڪارڊ چوري ڪيا ويا آهن. ميڊيا جي رپورٽن موجب چوري ٿيندڙ سڃاڻپ ڪارڊن کي رد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. رپورٽن موجب سڃاڻپ ڪارڊن نئين سر پرنٽ ڪري ٺاهيا ويندا، 27 جنوري تي چونڊن کان اڳ چوري ٿيل سڃاڻپ ڪارڊن کي ٻهير جاري ڪيو ويندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته سڃاڻپ ڪارڊ چوري جو واسطو امڪاني طور تي ننڍي چونڊ سان ٿي سگهي ٿو . واقعي بعد نادرا اتنظاميا جاچ ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي جڏهن ته واقعي جي ايف آءِ آر به داخل ڪرائي وئي آهي. جنهن بعد پوليس ۽ رينجرز اهلڪار واقعي واري هنڌ پهچي شاهديون گڏ ڪرڻ جو ڪم شروع ڪيو. انڪوائري ۾ ٻن ملازمن کي به شامل ڪيو ويو آهي. پوليس موجب جوابدار ڪائونٽر مان 1800 سڃاڻپ ڪارڊ ۽ داخلا وارو رجسٽر چوري ڪيو، چور رات دير سان ڇت کان آفيس ۾ داخل ٿيو ۽ ساڳي طريقي سان فرار ٿي ويو.