حب ڀرسان خوفناڪ حادثو، 23 ڄڻا سڙي فوت، 12 زخمي

حب (م ڊ) حب ڀرسان مسافر ڪوچ ۽ آئل ٽينڪر وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ 23 مسافر سڙي فوت ۽ 12 زخمي ٿي پيا. ان ڏس ۾ مليل ڄاڻ موجب بيلا ڪراس ڀرسان ڪراچي کان پنجگور ويندڙ مسافر ڪوچ ۽ آئل ٽينڪر وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ 19 مسافر سڙي فوت ۽ 12 زخمي ٿي پيا. واقعي دوران گاڏي اندر ڪيهاٽ پئجي ويا. ٻئي پاسي لسٻيلا جي ڊپٽي ڪمشنر شبير مينگل جو چوڻ آهي ته مسافر بس ۾ باهه لڳڻ سبب 19 مسافر سڙي فوت ۽ 12 ماڻهو زخمي ٿي پيا. هن چيو ته مسافر ڪوچ ۾ 31 کان وڌيڪ ماڻهو سوار هئا.هوڏانهن ٽرڪ مان به 2 لاش ڪڍيا ويا.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *