اسلام آباد (بيورو) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ شهباز شريف پبلڪ اڪائونٽس ڪميتي جي چيئرمين جي مقرري خلاف خلاف ڪيس جو فيصلو سڀاڻي ٻڌائيندي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله ۽ جسٽس محسن اختر ڪياني تي ٻڌل 2 رڪني بئنچ درخواست تي 31 ڊسمبر تي فيصلو محفوظ ڪيو هو. عدالت درخواست ٻڌڻ جوڳي هئڻ بابت فيصلو سڀاڻي ٻڌائيندي. پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير شهباز شريف تي نيب ۾ آشيانه هائوسنگ اسڪينڊل ۾ جاچ هلي رهي آهي ۽ هو ڊگهي عرصي تائين نيب لاهور جي تحويل ۾ رهيو پر هاڻي جوڊيشل رمانڊ تي ڪوٽ لکپت جيل ۾ آهي. مخالف ڌر ۽ حڪومت ۾ پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي چيئرمين شپ لاءِ ڊگهي عرصي تائين جنگ هلندي رهي پر حڪومت کي آخرڪار گوڏا کوڙڻا پيا ۽ پي اي سي چيئرميني مخالف ڌر حوالي ڪرڻي پئي.