صوبائي وزير سعيد غني طرفان ڪراچي جي روڊن تان فوري طور پاڻي نيڪال ڪرڻ جي هدايت

ڪراچي  (م ڊ) بلديات جي صوبائي وزير سعيد غني لاڳاپيل ادارن کي 2 ڪلاڪن اندر روڊن ۽ گھٽين پاڻي ڪڍڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ڪوتاهي ڪرڻ تي آفيسرن ۽ ملازمن کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيا وڃن. سعيد غني چيو ته ڪوتاهي ڪرڻ تي آفيسرن کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيا ويندا. ٻئي پاسي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪمشنر ڪراچي کي هدايت ڪئي آهي ته سڀني ڊپٽي ڪمشنرز جي فيلڊ ۾ رهي ۽ پنهنجي ضلعي ۾ عوام جي سهولت لاءِ ڪم ڪري. وڏي وزير چيو ته برسات جي پاڻي جي نيڪالي کي يقيني بڻائين، ٽريفڪ جي راونگي لاءِ ٽريفڪ پوليس عوام جو خيال رکي جڏهن ته بلديات وزير سعيد غني کي روڊن جي صفائي جو ڪم شروع ڪرائڻ جي به هدايت ڪئي آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *