نئين گاج جي اصل لاڳت 9 ارب رپيا، نظرثاني ٿيل لاڳ 47 ارب آهي: بريفنگ

ڪراچي(م ڊ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته نئين گاج جو منصوبو وفاقي حڪومت جو آهي، اصل لاڳت 9 ارب هئي. پروجيڪٽ جي نظرثاني ٿيل لاڳت 16.9 ارب رپيا هئي جڏهن ته ٻيهر نظرثاني ٿيل لاڳت 47.7 ارب آهي. تفصيل موجب سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ نئين گاج تي اجلاس ٿيو. 28 هزار ايڪڙ ايراضي جي لاءِ ڄامشوري ۾ نئين گاج ڊيم جي اڏاوت تي وڏي وزير کي بريفنگ ڏني وئي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته منصوبو وفاقي حڪومت جو آهي، اصل لاڳت 9 ارب رپيا هئي. پروجيڪٽ جي نظرثاني ٿيل لاڳت 16.9 ارب هئي. منصوبي تي ٻيهر نظرثاني ٿيل لاڳت 47.7 ارب آهي. بريفنگ موجب سنڌ حڪومت کي ڏيڍ ارب متاثرن جي آبادڪاري لاءِ ادا ڪرڻا هئا. وفاقي حڪومت چاهي ٿي ته سنڌ حڪومت 22 ارب رپين جو سهڪار ڪري. وڏي وزير چيو ته سنڌ حڪومت فنڊ نٿي ڏئي سگهي، ٻين صوبن جيان وفاقي حڪومت سنڌ ۾ به اِهو منصوبو مڪمل ڪري، ڪراچي ڪي فور لاءِ 260 ايم جي ڊي پاڻي ڏنو وڃي. هن چيو ته مسئلو به وفاقي حڪومت آڏو اٿاريو ويندو. سنڌ جي وڏي وزير منصوبي جي لاءِ آبپاشي کاتي کي به هدايتون جاري ڪري ڇڏيون.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *