اسلام آباد ( بيورو ) جسٽس آصف سعيد کوسا پاڪستان جي 26 هين چيف جسٽس جي حيثيت سان حلف کڻي ورتو آهي. ايوان صدر ۾ ٿيل پروقار تقريب ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي جسٽس آصف سعيد کوسا کان حلف ورتو. وزيراعظم عمران خان به ان موقعي تي موجود هو. حلف برداري واري تقريب ۾ سپريم ڪورٽ جي حاضر سروس ۽ ريٽائرڊ جج شريڪ ٿيا. وفاقي ڪابينا ۽ پارليامنٽ جي ميمبرن کي به حلف برداري واري تقريب ۾ شرڪت جي دعوت ڏني وئي هئي جڏهن هٿياربند فوج جي سربراهن، سفيرن ۽ ٻين شعبن سان سلهاڙيل ماڻهن به شرڪت ڪئي. حلف برداري واري تقريب ۾ مختلف ملڪن جي چيف جسٽن ۽ سينيئر ججن به دعوت ڏني وئي هئي.