اسلام آباد(بيورو)وزير اعظم عمران خان ۽ افغان صدر اشرف غني وچ ۾ ٽيلي فون تي رابطو ٿيو آهي. ذريعن موجب وزير اعظم عمران خان ۽ اشرف غني وچ ۾ پاڪ افغان لاڳاپن ۽ ٻه طرفن معاملن سميت زلمي خليل زاد جي دوري بابت ڳالهه ٻولهه ٿي ، جڏهن ته ٻنهي اڳواڻن افغان مفاهمتي عمل ۽ سرحدي سلامتي جي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. افغان صدر سان گفتگو ۾ وزير اعظم عمران خان چيو افغانستان جو امن پاڪستان جي مفاد ۾ آهي، پر امن مصالحتي عمل بابت سنجيدهه ڪوششون تي يقين رکون ٿا. ذريعن موجب افغان صدر وزير اعظم عمران خان کو افغانستان جي دوري جي دعوت پڻ ڏني جيڪا هن قبول ڪئي.