ڪراچي(م ڊ) سنڌ جي وڏي وزير جي سڌُ سماءَ بابت صلاحڪار مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف پنهنجي وفاقي حڪومت تي نظر وجهي اُن جا اتحادي خوش ناهن. سنڌ اسيمبلي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي مرتضيٰ وهاب چيو ته ڪالهه تحريڪ انصاف جي ٻن وزيرن چيو ته فواد چوڌري جيڪو ڪري رهيو آهي اُها پارٽي جي ايجنڊا ناهي جڏهن ته سنڌ حڪومت مخلوط حڪومت ناهي هي پارٽي جي پنهنجي سنڌ اسيمبلي ميمبرن تي ٻڌل حڪومت آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت اڄ به رڳو ڪم تي ڌيان ڏيندي آهي ۽ سنڌ حڪومت جي هڪ ئي ايجنڊا آهي ته عوام کي ڪيئن ريليف ڏنو وڃي. هن چيو ته ڪراچي ۾ پي ايس ايل ٿيڻ پيو وڃي ۽ ان سان پاڪستان جو مثبت رخ دنيا جي سامهون اجاڳر ڪرڻ چاهيون ٿا. سنڌ جي وڏي وزير پي ايس ايل کي فول پروف بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي. جڏهن ته ڪراچي ان کان پهرين به انٽرنيشنل ڪرڪيٽ جي ميزباني ڪري چڪو آهي. سنڌ جي وڏي وزير جي صدارت هيٺ امن امان جي اجلاس بابت ڳالهائيندي مرتضيٰ وهاب چيو ته سنڌ جي وڏي وزير جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ اهم مسئلن تي ڳالهيون ڪيون ويون ۽ وڏي وزير نان ڪسٽم پيڊ گاڏين جي خلاف به ڪارروائي جي هدايت ڪئي آهي. هن چيو ته سنڌ جي وڏي وزي امن امان ۽ پوليس بابت هفتيوار بريفنگ وٺڻ جو به فيصلو ڪيو آهي جڏهن ته ڪراچي جي ڪمشنر ۽ گهرو سيڪريٽري کان مختلف ايونٽ جي لاءِ حڪمت عملي تي ڳالهيون ڪيون.