مون ڪنهن جي دل ڏکائي هجي ته معاف ڪري ڇڏي: چيف جسٽس ثاقب نثار

اسلام آباد (اين اين آءِ) چيف جسٽس ميان ثاقب نثار چيو آهي ته مون پاران ڪنهن جي دل آزاري ٿي هجي ته معاف ڪري، اربع تي سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي دوران چيف جسٽس جو سينيئر وڪيل اعتزاز احسن سان بهترين جملن ۾ ڳالهه ٻولهه ٿي جنهن دوران چيف جسٽس چيو ته مون ڪنهن جي دل ڏکائي هجي ته معاف ڪري ڇڏي، هن چيو ته مڃان ٿو ته منهنجي هميشه خواهش هئي ته اعتزاز احسن جو شاگرد ٿيان پر خواهش جي باوجود ان جو شاگرد نه بڻجي سگهيس، چيف جسٽس چيو ته اعتزاز احسن سان ايڏي محبت جي باوجود سندس حق ۾ هڪ فيصلو ناهي ڪيو، شڪايت ختم آهي جيڪڏهن ڪنهن جي دل ڏکائي هجي ته معافي وٺي ويندس، واضح رهي ته چيف جسٽس ثاقب نثار اڄ 17 جنوري تي رٽائرڊ ٿي ويندو، جهن کانپوءِ پاڪستان جو چيف جسٽس، جسٽس آصف سعيد کوسا ٿيندو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *