ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ جي وڏي وزير جي صلاحڪار مرتضيٰ وهاب وفاقي حڪومت تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته سنڌ حڪومت گيس جو ڦوڪڻو آهي ۽ پن ان جي هٿ ۾ آهي، شايد ان سوچ سان هن سنڌ جي گيس بند ڪئي، سنڌ کي سندس آئيني حق ڏنو وڃي، تحريڪ انصاف پنهنجي وفاقي حڪومت تي نظر وجهي، سندس اتحادي ان مان خوش نه آهن، تحريڪ انصاف جي 2 وزيرن چيو آهي ته فواد چوڌري جيڪو ڪجهه ڪري رهيو آهي اهو پارٽي جو ايجنڊا نه آهي، سنڌ حڪومت مخلوط حڪومت نه آهي، پارٽي پنهنجي ايم پي ايز تي ٻڌل حڪومت آهي جيڪا اڄ به رڳو ڪم تي ڌيان ڏئي ٿي، سنڌ حڪومت جو هڪ ئي اينجڊا آهي ته عوام کي ڪيئن رليف فراهم ڪيو وڃي، سنڌ اسيمبلي ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته گيس واري ڦوڪڻي جي ڳالهه ڪندڙ ڪراچي جي گيس بند ڪري زيادتي ڪري رهيا آهن، سازشي عنصرن گيس بند ڪري پابندي هڻي ڇڏي هئي. هن ٻڌايو ته سنڌ جي وڏي وزير اهم ايونٽ جي پلاننگ بابت پوليس کان معلومات ورتي آهي انهن ايونٽس جي سيڪيورٽي تي بريفنگ ورتي آهي، هن چيو ته اسان جي ڪوشش آهي ته ڪراچي جو مثبت پهلو دنيا جي اڳيان آڻي سگهجي، وفاقي حڪومت مرڪزي ۽ پنجاب حڪومت تي نظر وجهي. هن چيو ته مستقبل ۾ پي ايس ايل جون ميچون ڪراچي ۾ ٿيڻيون آهن جنهن ۾ پرڏيهي رانديگر اچي رهيا آهن، اجلاس ۾ ڪمشنر ڪراچي ۽ گهرو سيڪريٽري سان مختلف ايونٽ لاءِ حڪمت عملي تي ڳالهه ڪئي وئي آهي، هن چيو ته سنڌ حڪومت جي ڪاوش کانپوءِ گذريل سال پي ايس ايل جو فائنل ڪراچي ۾ ٿيو هو جنهن لاءِ سنڌ حڪومت سمورين شين جو بهتر انتظام ڪيو هو، هن چيو ته پي ايس ايل جون ميچون ڪراچي ۾ ٿيڻ سنڌ حڪومت ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي فتح آهي، مرتضيٰ وهاب ٻڌايو ته اجلاس ۾ وڏي وزير ڪراچي ۾ منشيات تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي، وڏي وزير جي صدارت هيٺ امن امان اجلاس بابت ڳالهائيندي هن چيو ته وڏي وزير جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ اهم مسئلن تي ڳالهيون ٿيون آهن ۽ وڏي وزير نان ڪسٽم پيڊ گاڏين جي خلاف ڪارروائي جي هدايت ڪئي آهي، هن چيو ته سنڌ جي وڏي وزير امن امان ۽ پوليس بابت هفتيوار بريفنگ وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جڏهن ته ڪمشنر ڪراچي ۽ گهرو سيڪريٽري سان مختلف ايونٽ تي ڳالهيون ڪيون ويون آهن.