ام رباب چانڊيو جي خاندان جي قتل ڪيس ۾ سنڌ پوليس جي ڪارڪردگي تي ڪاوڙ جو اظهار

اسلام آباد(بيورو) سپريم ڪورٽ ام رباب چانڊيو جي خاندان جي قتل ڪيس ۾ سنڌ پوليس جي ڪارڪردگي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي مفرور جوابدارن کي گرفتار ڪري 15 ڏينهن ۾ فرد جرم لاڳو ڪرڻ ۽ ٽرائل ڪورٽ کي 3 مهينن ۾ ڪيس جي ٻڌڻي مڪمل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. ام رباب چانڊيو جي خاندان جي قتل بابت ڪيس جي ٻڌڻي چيف جسٽس ميان ثاقب نثار جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ ڪئي. خيال رهي ته لاڙڪاڻي ميهڙ جي ام رباب چانڊيو جي خاندان کي 2017ع تي قتل ڪيو ويو هو. ٻڌڻي دوران چيف جسسٽس ريمارڪس ڏنا ته پيءُ، پٽ ۽ پوٽو سڀ قتل ٿي ويا هن وقت تائين ڪو به ريليف ناهي مليو، شايد ان ڪيس جي پٺيان وڏيرا آهن، هن وقت تائين فيصلو ناهي ٿيو ته دهشتگردي جا قلم لڳا يا نه. هن وڌيڪ ريمارڪس ڏنا ته رڳو آواز اٿاريو هو ته وڏيرن کي نينگرين سان اهڙو سلوڪ نه ڪرڻ گهرجي. درخواستگذار جي وڪيل فيصل صديقي عدالت کي ٻڌايو ته جوابدار گرفتاري کان اڳ واري ضمانت ڪرائي آهي، ڊپٽي انسپيڪٽر جنرل (ڊي آءِ جي) جوابدارن جي گرفتاري جي لاءِ ڇاپا هنيا، ام رباب چانڊيو کي عدلات وڃڻ جي لاءِ به تحفظ جي ضرورت آهي. ان موقعي تي ارم رباب چانڊيو جو چوڻ هو ته منهنجي ڪيس کي ڪراچي منتقل ڪري ڇڏيو، ميهڙ ۾ خطرن کي منهن ڏئي رهي آهيان، جنهن تي چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته ان جي لاءِ توهان کي هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست ڏيڻي پوندي. بعد ۾ عدلتي حڪم نامي ۾ چيو ويو ته پوليس اختياريون دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت حيدرآباد ۾ چالان جمع ڪرائي ڇڏيو آهي، ڪيس منتقلي جي درخواست سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي، عدالت 15 ڏينهن ۾ درخواست تي فيصلو ڪري. سپريم ڪورٽ مفرور جوابدارن کي گرفتار ڪري ايندڙ 15 ڏينهن ۾ انهن تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو حڪم به ڏئي ڇڏيو جڏهن ته گڏوگڏ ئي اِهو حڪم به ڏنو ته ٽرائل ڪورٽ جوابدار سردار خان چانڊيو جي ضمانت رد ٿيڻ تي 3 هفتن ۾ فيصلو ڪري. عدالت عظميٰ حڪم ڏنو ته ارم رباب چانڊيو ۽ خاندان کي مڪمل سيڪيورٽي فراهم ڪئي وڃي ۽ ڪيس جو ٽرائل 3 مهينن ۾ مڪمل ڪيو وڃي جڏهن ته گڏوگڏ ئي پوليس کي هر مهيني اڳڀرائي رپورٽ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *