پاڪ فوج رياستي ادارن سان گڏجي قومي حڪمت عملي تي عمل پيرا آهي: آرمي چيف

راولپنڊي(م ڊ) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوه جو چوڻ آهي ته قوم کي پيش اندريان ۽ ٻاهران چيلينج گڏيل حڪمت عملي جي تقاضا ڪن ٿا. پاڪ فوج جي شعبي آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه ٽئين نيشنل سيڪيورٽي ورڪشاپ ۾ شرڪت ڪئي، ورڪشاپ جي ايڇ ڪيو ۾  رٿيو ويو، ان کان اڳ ورڪشاپ 3 هفتن تائين ڪوئيٽا ۾ جاري رهيو. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه ورڪشاپ ۾ شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي چيو ته قوم امن کي حاصل ڪرڻ لاءِ وڏيون قربانيون ڏنيون آهن، قوم کي آڏو اندريان ۽ ٻاهريان چيلينج گڏيل حڪمت عملي جي تقاضا ڪن ٿا. آرمي چيف جو چوڻ هو ته پاڪستان جي خوشهالي بلوچستان جي خوشحالي سان سلهاڙيل آهي، پاڪ فوج رياستي ادارن سان گڏجي قومي حڪمت عملي تي عمل پيرا آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *