پاڪستاني عوام تبديلي ۽ قانون جي بالادستي چاهي ٿو: چيف جسٽس

اسلام آباد (بيورو) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ثاقب نثار چيو آهي ته عوام ملڪ ۾ تبديلي ۽ قانون جي بالادستي چاهي ٿو. اسلام آباد ۾ پوليس سڌارن بابت هڪ تقريب کي خطاب ڪندي چيف جسٽس چيو ته پوليس ريفارمز بابت ڪيس سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي، وقت موجب پوليس ۾ سڌارا نه آندا ويا، اي ڊي خواجا ڪيس کان اڳ پوليس ريفارمز تي ڌيان نه ڏنو ويو. هن چيو ته انصاف جي نظام لاءِ به گهڻو ڪجهه ڪرڻو آهي، جڏهن ته امن امان برقرار رکڻ ۽ قانون تي عملداري ۾ پوليس جو ڪردار اهم هوندو آهي. سندس چوڻ هو ته اسان پوليس کي غير سياسي ۽ عوام دوست بڻايو آهي، مون کي يقين آهي ته پوليس ۾ سڌارن لاءِ ڪميٽي جي سفارشن کي قانوني شڪل ڏني ويندي. ميان ثاقب نثار چيو ته انتظاميا طرفان ڪرپشن يا اختيار اورانگهڻ جا ڪيس عدالت ۾ آيا، انهن ڪيسن کي عدالت حل ڪيو ۽ انتظاميا کي ٻيهر ائين ڪرڻ جو روڪيو، جڏهن صحت جي شعبي صحيح طريقي سان ڪم نه ڪيو ته ان کي گائيڊ لائن ڏني وئي. هن چيو ته قانون جي دائري ۾ رهي انتظاميا کي هدايتون ڏنيون، اسان جيڪي به قدم کنيا اهي حدن کان مٿي نه هئا، عدليا عوام جو اعتماد حاصل ڪيو آهي، 85 سيڪڙو ڪيس اُڪلايا ويا ۽ عوام کي رليف فراهم ڪيو ويو، پاڪستاني عوام ڪرپشن ۽ سفارشي ڪلچر نٿو چاهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *