وڏي وزير جي صدارت هيٺ اجلاس؛ شرح پيدائش ۾ گهٽتائي ۽ ترقياتي ڪمن ۾ بهتري آڻڻ تي غور

ڪراچي (هه آ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه  سندس ٽيم سان گڏ ورلڊ بينڪ جي هڪ اعليٰ سطحي وفد جنهن جي اڳواڻي سندس ڪنٽري ڊائريڪٽر پيچاموٿو الانگوان ڪري رهيو هو، جنهن سان اجلاس رٿيو ويو ۽ هيومن ڪيپيٽل، پبلڪ اينڊ پرائيوٽ انويسٽمينٽ، اسٽرڪچل ٽرانفارميشن ۽ واپار جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري سنڌ ممتاز علي شاهه، رٿابندي ۽ ترقي کاتي جو چيئرمين محمد وسيم، سنڌ روينيو بورڊ جو چيئرمين خالد محمود، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري ساجد جمال ابڙو، ناڻي، صنعت، تعليم، مڪاني اداري، پاپوليشن ۽ وومين ڊولپمينٽ کاتن جا صوبائي سيڪريٽري شريڪ هئا، جڏهن ته ورلڊ بينڪ جي وفد ۾ مس ميلانڊا گڊ، مسٽر لڪسن گُو، محمد وحيد، امجد بشير ۽ راحت علي شامل هئا. اجلاس ۾ شرح پيدائش ۾ گهٽتائي ۽ ترقياتي ڪمن ۾ بهتري آڻڻ بابت پڻ غور ڪيو ويو. اجلاس ۾ حمل روڪڻ وارين خدمتن کي بهتر بڻائڻ تي به اتفاق ڪيو ويو، بهتر هدفن جي پروگرامن لاءِ نيشنل پاورٽي ڊيٽابيس جي استعمال ۽ صوبي جي غريب گهراڻن وچ ۾ ڪوريج ڏيڻ جو هدف مقرر ڪيو وڃي. وڏي وزير چيف سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته هُو خانداني رٿابندي، مڌر نيوناٽل چائلڊ هيلٿ (ايم اين سي ايڇ) ۽ خانداني رٿابندي جي خدمتن جي بابت مختلف پروگرامن جي حوالي سان سهڪار کي بهتر بڻايو وڃي. اجلاس ۾ ترقي ۽ واڌ ويجهه جي حوالي سان وڌيڪ سيڙپڪاري تي اتفاق ڪيو ويو. ورلڊ بينڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر چيو ته خوراڪ بابت صحت جي نتيجن، نون ڄاول ۽ ٻار پيدا ٿيڻ وقت وفات جي حوالي سان گذريل ٽن سالن کان سنڌ ۾ گهڻي پروگريس ڏسڻ ۾ آئي آهي،. اجلاس ۾ فيصلا ڪيا ويا ته خانگي شعبي کي سروس ڊليوري، ريگيوليٽري فريم ورڪ‏ خانگي طور تي فراهم ڪندڙن مستحڪم بڻايو ويندو ۽ معيار کي برقرار رکڻ لاءِ ان جي اصل روح مطابق عملدرآمد ڪيو ويندو. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته صوبائي حڪومت انفرااسٽريڪچر ۽ سروس ڊليوري ۾ موجود خال کي ڀرڻ لاءِ پنهنجي ذريعن ۽ وسيلن مان روينيو ۾ واڌ تي ڌيان ڏنل آهي. هن چيو ته صوبائي حڪومت اربن اميوويبل پراپرٽي ٽيڪس ۾ رعايت ۾ گهٽتائي جي رٿابندي ڪري رهي آهي. ورلڊ بينڪ کين تجويز ڏني ته موجود وسيلن ۾ واڌ لاءِ عشر چارجز واري معاملي کي ڏٺو وڃي. وڏي وزير وفد کي ٻڌايو ته سنڌ ۾ بزنس ريگيوليشن جي سلسلي ۾ مختلف ريگيوليٽري انٽري ۽ آپريشن لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن انڪري سيڙپڪارن لاءِ ون ونڊو آپريشن کي هٿي ڏئي رهيا آهيون. هن چيو ته اسان سيڙپڪاريءَ لاءِ نئون کاتو جوڙيو آهي، ورلڊ بينڪ اِي گورننس سسٽم کي متعارف ڪرائڻ جي تجويز ڏني. هن چيو ته شهر تشڪيل ڏيڻ تي ڪم ڪري رهيا آهيون جيڪو معاشي ٽرانسفارميشن کي هلائيندو. هن چيو ته گورننس ۽ رٿابندي کي بهتر بڻائڻ لاءِ اپاءَ وٺي رهيا آهيون ۽ پي پي پي موڊ تحت شهرن جي ڊانچي ۽ خدمتن ۾ خانگي سيڙپڪاريءَ لاءِ فريم ورڪ به جوڙي رهيا آهيون. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته قابل عمل قدرتي وسيلن جي مئنيجمنٽ تحت گدلاڻ واري هوا ۽ پاڻي، زمين ۽ گند جي استعمال ۽ قدرتي آفاتن کان بچاءَ جهڙن معاملن تي غور ويچار ڪيو ويو. ورلڊ بينڪ پاڻيءَ جي ماپ ۽ شمار، پاڻيءَ جي استعمال جي حوالي سان ادارتي گنجائش ۾ بهتري ۽ اگهن ۾ سڌارن کي لاڳو ڪرڻ ۽ آپريشن سارسنڀال جي لاڳت سان جي رڪوري ۽ ڍل جي اگهن کي بهتر بڻائي پاڻي کي محفوظ بڻائڻ جي تجويز به ڏني.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *