عليما خان جي ملڪيتن جي جاچ لاءِ جي آءِ ٽي جوڙي وڃي: سعيد غني

ڪراچي( م ڊ ) پ پ عليما خان جي ملڪيتن جي جاچ لاءِ جي آءِ ٽي جوڙڻ جو مطالبو ڪيو آهي. ڪراچيءَ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سعيد غني چيو ته نه ڪاروبار ۽ نه وري محنت ۽ پورهيو پوءِ به ملڪيتون، آخر راز ڇا آهي، ماڻهو غريبن جي علاج لاءِ پئسا ڏيندا هئا ملڪيت خريد ڪرڻ لاءِ نه، عمران خان قوم جي اعتماد کي ڌڪ رسايو آهي.  هن چيو ته صدقي ۽ خيرات جي رقم غريبن جي امانت هئي، انصاف جي گهر آهي ته عليما خان خلاف جي آءِ ٽي جوڙي وڃي، جيڪا عمران خان ۽ عليما خان خلاف جاچ ڪري. سندس چوڻ هو ته وفاقي وزيرن جي بيانن تي سنڌ جي عوام ۾ ڏڦيڙ پيدا ٿي رهيو آهي، جيئن اي سي ايل ۾ نالا وڌا ويا تيئن اسان به وزيرن جي سنڌ ۾ داخل بند ڪري سگهون ٿا، قانون اسان کي اهڙن وزيرن جي سنڌ ۾ داخلا تي پابندي جي اجازت ڏئي ٿو.  سعيد غني چيو ته جي آءِ ٽي پنهنجا اختيار اوانگهيا آهن، سندن مقصد هڪ صوبائي حڪومت کي ڪيرائڻ هو، سپريم ڪورٽ جي حڪم باوجود نالا اي سي ايل مان نه ڪڍيا ويا آهن. هن چيو ته جي آءِ ٽي جي رپورٽ اچڻ شرط حڪومتي وزيرن گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ جون ڳالهيون ڪيون، چيو ويو ته اسان وڏي وزير کي هٽائينداسين.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *