ڇا بدين ۽ ٺٽي کي سمنڊ ڳڙڪائي ويندو: سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ اهم انڪشاف

اسلام آباد(بيورو) سينيٽ جي ترقي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ سينيٽر عثمان ڪاڪڙ جو چوڻ هو ته سمنڊ 200 ڪلو ميٽر تائين زمين کي ڳڙڪائي رهيو آهي ۽ ٺٽي ۽ بدين ڏانهن سمنڊ وڌي رهيو آهي. تفصيل موجب سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جو سينيٽر عثمان ڪاڪڙ جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو. چيف سيڪريٽري جي آفيس ۾ ٿيل اجلاس ۾ صوبائي کاتن بريفنگ ڏني. اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري ممتاز شاهه ۽ مختلف کاتن جي سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ سينيٽر عثمان ڪاڪڙ جو چوڻ هو ته سنڌ سان وفاقي حڪومت ڪيتريون ئي ناانصافيون ڪري رهي آهي، وفاق طرفان صوبن کي فنڊ پوري نه پيا ڏنا وڃن. 200 ڪلو ميٽر تائين سمنڊ زمين کي ڳڙڪائي رهيو آهي. هن چيو ته ٺٽي ۽ بدين ڏانهن سمنڊ وڌي رهيو آهي، گيس فراهم ڪندڙ سنڌ صوبو گيس کان محروم آهي. سينيٽر جو چوڻ هو ته سنڌ جي وڏي وزير سان گڏجي سنڌ جي مسئلن کي سمجهڻ چاهيون ٿا، وڏي وزير وٽ وقت ناهي هو شايد اسان کي به نيب سمجهي رهيو آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *