لاهور ( م ڊ ) چيني سفير يائو جنگ جو چوڻ آهي ته وزيراعظم عمران خان چين جي دوري دوران سي پيڪ کي هر صورت ۾ مڪمل ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو آهي. لاهور چيمبر آف ڪامرس ۾ خطاب ڪندي چيني سفير يائوجنگ جو چوڻ هو ته پهريون ڀيرو لاهور چيمبر آف ڪامرس آيو آهيان، لاهور ڏهن سالن ۾ ڪافي تبديل ٿي چڪو آهي، سي پيڪ ٻنهي ملڪن لاءِ انتهائي اهم آهي، چيني حڪومت چونڊن ۽ نئين حڪومت جو غور سان جائزو ورتو آهي. چيني سفير چيو ته ڏهه منصوبا مڪمل ڪيا ويا آهن ۽ 12 منصوبن تي ڪم جاري آهي، وزيراعظم عمران خان چين جي دوري دوران سي پيڪ جي فائدي کي مڃيندي سي پيڪ کي هر صورت ۾ مڪمل ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. سندس چوڻ هو ته انرجي کانپوءِ اسان سوشل سيڪٽر لاءِ ڪم ڪنداسين، پاڪستان ۾ تعليم ۽ صحت واري شعبي ۾ سيڙپڪاري ڪنداسين. چيني سفير جو چوڻ هو ته زراعت ۽ آبپاشي ۾ ترقي لاءِ به پاڪستان جي مدد ڪنداسين.