چيف جسٽس اورنج لائن منصوبو مقرر تاريخ تي مڪمل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

 اسلام آباد ( بيورو ) چيف جسٽس پاڪستان جسٽس ثاقب نثار اورنج لائن منصوبو مقرر تاريخ تي مڪمل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس پاڪستان جي سربراهي ۾ اورنج لائن ٽرين منصوبي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.  ٻڌڻي دوران چيف جسٽس پاڪستان اورنج لائن منصوبي جي ڊائريڪٽر سبطين فضل جي ساراهه ڪئي ۽ چيو ته اوهان کي گذارش آهي مقرر تاريخ تي منصوبو مڪمل ڪريو. ان موقعي تي منصوبي جي ٺيڪيدارن جي وڪيل نعيم بخاري عدالت کي ٻڌايو ته مسئلو اهو آهي ته ڪم جا پئسا ناهن ملندا. نعيم بخاري جي موقف تي چيف جسٽس چيو ته لاهور ڊيولپمنٽ اٿارٽي ( ايل ڊي اي ) چيڪ سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ۽ ٺيڪيدارن بئنڪ گارنٽي جمع ڪرائي چيڪ وٺي سگهن ٿا. جسٽس ثاقب نثار رمارڪس ڏيندي چيو ته اورنج لائن لاهور جي ماڻهن لاءِ تحفو آهي، ٺيڪيدار ڄاڻايل تاريخن تائين هر صورت ۾ ڪم مڪمل ڪن، ڪم ڄاڻايل تاريخ تي مڪمل نه ٿيڻ کي عدالتي حڪم جي تعميل سمجهو ويندو. چيف جسٽس وڌيڪ رمارڪس ڏنا ته جنهن ڏينهن ” گاڏي“ هلندي اسان کي به ٻڌائجو اسان به ”گاڏي “جي سواري ڪنداسين. جنهن بعد عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي. ٻئي پاسي  پنجاب جي سينيئر وزير عليم خان اورنج لائن منصوبي کي بند نه ڪرڻ جو اعلان ڪيو. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مڪاني کاتي واري وزير عليم خان چيو آهي ته جون جولائي تائين اورنج لائن منصوبو مڪمل ٿي ويندو، ان منصوبي تي عوام جا ٽي سئو ارب رپيا لڳي چڪا آهن، چاهيون به ته ان کي بند نٿا ڪري سگهون. هن چيو ته اورنج لائن منصوبي لاءِ سموريون شيون اڳواٽ مڪمل ڪنداسين، اورنج لائن منصوبي کي ساليانو 120 رپيا ڏيڻا پوندا، ان حساب سان هڪ شخص تي هڪ هزار رپين کان به وڌيڪ جي سبسڊي آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *