راولپنڊي ( م ڊ ) ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس دوران شرڪت ڪندڙن ملڪ ۾ امن جي بحالي لاءِ ڪيل ڪوششون جاري رکڻ ۽ علائقائي امن لاءِ کنيل سمورن قدمن جي حمايت تي اتفاق ڪيو آهي. پاڪ فوج جي ترجمان آءِ ايس پي آر موجب پاڪ فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوا جي صدارت هيٺ ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ۾ ملڪ جي سيڪيورٽي، جيو اسٽريٽيجڪ صورتحال ۽ جاري آپريشنز جو جائزو ورتو ويو . آءِ ايس پي آر موجب ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس دوران ڪنٽرول لائن تي ڀارت طرفان جنگبندي جي ڀڃڪڙي ۽ معصوم شهرين کي نشانو بڻائڻ سميت اولهه وارين سرحدن تي صورتحال جو جائزو ورتو ويو. ڪانفرنس ۾ پاڪ افغان سرحد تي باڙ لڳائڻ ۽ افغان مفاهمتي عمل تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن ملڪ ۾ امن جي بحالي لاءِ ڪيل ڪوششون جاري رکڻ ۽ علائقائي امن لاءِ کنيل سمورن قدمن جي به حمايت ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.