مختلف ملڪن ٻڌڻ جي سگهه کان محروم ماڻهن کي ڊرائيونگ لائسنس جاري ڪري رهيا آهن ته پوءِ اسان سندن جاري ڇو نٿا ڪريون؟ مراد علي شاهه

ڪراچي (هه آ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته مختلف ملڪن ٻڌڻ جي سگهه کان محروم ماڻهن کي ڊرائيونگ لائسنس جاري ڪري رهيا آهن ته پوءِ اسان سندن جاري ڇو نٿا ڪريون؟ هن چيف سيڪريٽري سنڌ سيد ممتاز علي شاهه کي هدايت ڪئي ته هُو ڊارئيونگ لائسنس برانچ ۽ ٽريفڪپوليس کان انهيءَ بابت صلاح ورتي وڃي ۽ ان کانپوءِ قانون ۾ ضروري ترميم ڪئي وڃي ته جيئن ٻڌڻ جي سگهه کان محروم ماڻهن کي ڊرائيونگ لائسنس جاري ڪري سگهجي. وڏي وزير چيف سيڪريٽري کي لکيل خط ۾ چيو ته پاڪستان ۾ ٻڌڻ جي سگهه کان محروم ماڻهن جو وڏو انگ آهي جيڪي فعال زندگي گذاري رهيا آهن ۽ پاڪستان جي ترقيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. مراد علي شاهه چيو ته آئين جي آرٽيڪل 25 تحت سمورا شهري قانون آڏو برابر آهن ۽ انهن کي قانون تحت برابريءَ جا حق حاصل آهن ۽ ان ۾ ڪنهن به بنياد تي ڪوبه فرق نه آهي جڏهن ته آرٽيڪل 18 تحت واپار ۽ ڪاروبار يا پروفيشن جي حوالي سان آزاديءَ جي ضمانت آهي. هن چيو ته زمين جي اعليٰ قانون تحت نئون لاڳو ڪيل ”سنڌ امپاورمنيٽ آف پرسن وٿ ڊسئيبلٽيز ايڪٽ 2018“ جنهن کي ”ايڪولٽي اينڊ نان ڊسڪريمينيشن آف پرسن وٿ ڊسئيبلٽيز (سيڪشن  ٿري)“ پڻ چيو ويندو آهي. مراد علي شاهه چيو آهي ته گڏيل قومن جي معذور ماڻهن واري ڪانووينشن (يو اين – سي آر پي ڊي) تحت سمورن معذور ماڻهن کي بنا فرق جي برابريءَ جا حق ڏنا ويا آهن ۽ انهن معذور ماڻهن بشمول ٻڌڻ جي سگهه کان محروم ماڻهن کي قانون تحت برابري جو تحفظ ۽ فائدا حاصل آهن. خط ۾ چيو ويو آهي ته هن وقت ٻڌڻ جي سگهه کان محروم ماڻهن کي سيڪنڊ شيڊول آف دي موٽر وهيڪل 1965ع (جنهن ۾ وقت بوقت ترميم ڪئي وئي آهي) تحت ٻڌڻ جي سگهه کان محروم ماڻهن کي ڊرائيونگ لائسنس جاري ڪرڻ جي نااهل آهن، جيئن ته هيٺ ريت پيش ڪيو ويو آهي، شق نمبر 7 (5)؛ مريضن ۽ معذورن ماڻهن کي موٽروهيڪل هلائڻ جي لائسنس حاصل ڪرڻ لاءِ نااهل قرار ڏنو ويو آهي، انهن ۾ مرگي، پاگل پن، دل جي بيمارين جنهن سان اوچتي اٽيڪ يا غنودگي جو خدشو هجي شامل آهي، اکيون 25 گز سٺي روشني ۾ ڏسڻ جي اهليت نه رکندي هجي (چشمي جي مدد جيڪڏهن پهريل آهي). ستن خطن جي هڪ سيريز ۽ انگ اکر، اڇي ۽ ڪاري گرائونڊ تي ايتري سائيز ۽ انتظامن جيڪي موٽرڪار جي رجسٽريشن مارڪ آهن. ٻوڙن ماڻهن جي ٻڌڻ واري صلاحيت، جنهن ۾ درخواست ڏينهن ٻڌڻ بنا ڪنهن آلات، معمول موجب سائونڊ سگنل، ڪلر بلائنڊنيس، يا رنگ دار ڳاڙهي ۽ سائي رنگ ۾ فرق کي ڏسڻ (بلائينڊ نيس) جي شامل آهن. انهيءَ کان پهرين وڏي وزير چيو ته سڄي دنيا خاص طور تي وڏن اهم کنڊن جي ملڪن ۾ ٻڌڻ جي سگهه کان محروم ماڻهن کي ڊائيونگ لائسنس جاري ڪيا ويندا آهن. هن وڌيڪ چيو ته اتر آمريڪا (يونائيٽڊ اسٽيٽ آف آمريڪا، ڪيناڊا، ميڪسيڪو)، ڏکڻ آمريڪا (برازيل، چلي، ارجنٽائين وغيره) ، يورپي يونين (سمورا ملڪ)، آسٽريليا، ايشيا ۽ مڊل ايسٽ (هندستان، جاپان، نيوزيلينڊ، سريلنڪا، نيپال، ملائشيا، فلپائن، سعودي عرب، قطر، ڪويت، روس، ازبڪستان وغيره)، آفريڪا (ڪينيا، ڏکڻ آفريڪا، نائيجيريا وغيره) شامل آهن. مراد علي شاهه چيو ته آهي ته ٻڌڻ جي سگهه کان محروم ماڻهو کي ڊرائيونگ لائسنس جاري ڪرڻ جا اڻڳت سماجي ۽ معاشي فائدا حاصل ٿيندا. سڀ کان پهرين آئين ۾ فراهم ڪيل ضمانت تي عملدرآمد ٿيندو، ٻيو ته ٻڌڻ جي سگهه کان محروم ماڻهن کي چرپر ڪرڻ ۾ سولائي ٿيندي ۽ اهي آزادانه طور تي سندن گاڏين تي بنا ڪنهن تي ٻوجهه بڻجڻ جي سفر ڪري سگهندا. ٽيون اهو ته ٻڌڻ جي سگهه کان محروم ماڻهو ملازمت حاصل ڪرڻ جا اهل ٿيندا، جنهن ۾ گاڏيون هلائڻ جي مهارت بحيثيت ڊرائيور، شين جي ٽرانسپوٽيشن، ڊليوري پرسن، ڪوريئر سروس وغيره ۾ ملاقات حاصل ڪري سگهندا. ڄاڻايل حقيقت جي روشني ۾ وڏي وزير چيف سيڪريٽريءَ کي هدايت ڪئي ته هُو سيڪنڊ شيڊول آف موٽروهيڪل آرڊيننس 1965ع ۾ ضروري ترميم ڪئي وڃي ته جيئن ٻڌڻ جي سگهه کان محروم ماڻهن کي ڪمرشل ۽ پرائيوٽ ڊرائيونگ لائسنس جاري ڪري سگهن. سيد مراد علي شاهه جي هدايت تي وڏي وزير جي خاص معاون براءِ ”پروگرام رليٽڊ ٽو ڊفرنٽلي ايبل پرسن“ سيد قاسم نويد وڏي وزير پاران سمري موڪلي آهي. وڏي وزير هدايت ڪئي ته چيف سيڪريٽري ان معاملي تي ڊرائيونگ لائسنس برانچ جي ماهرن ۽ ٽريفڪ پوليس سان معاملن جو جائزو وٺڻ ۽ قانون ۾ ترميم لاءِ سفارشون مرتب ڪرڻ جي هدايت ڪئي. 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *