بلاول ۽ مراد علي شاهه جا نالا اي سي ايل مان ڪڍنداسين، جاچ ضرور ٿيندي: وفاقي سرڪار

اسلام آباد ( بيورو ) وفاقي سرڪار چيو آهي ته بلاول ۽ وڏي وزير مراد علي شاهه جو نالو اي سي ايل مان ڪڍنداسين پر جاچ ضرور ڪئي ويندي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو ته ٺگس آف پاڪستان ۾ انٽرول هلي رهيو آهي، جيڪو جاري رهندو. هن چيو ته جي آءِ ٽي جيترا به اڪائونٽ ڏنا اومني گروپ يا آصف زرداري گروپ ڪنهن انڪار نه ڪيو آهي. هن چيو ته مراد علي شاهه معاملي ۾ سپريم ڪورٽ جو حڪم اکين تي پر سنڌ جي وڏي وزير جي استعيفيٰ ضروري آهي. سندس چوڻ هو ته اسان عوام سان واعدو ڪيو هو ته سمورن چورن کي جيلن ۾ وجهنداسين، 90 سيڪڙو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي، اسان رڳو جاچ ايجنسين کي کليل اجازت ڏني آهي ڪم ڪرڻ جي. فواد چوڌري چيو ته اهو چوڻ ته تحريڪ انصاف حڪومت ڪيس شروع ڪيا آهن غلط آهي، ڪيس 2015ع ۽ 2016ع کان شروع ٿيا آهن. هن چيو ته موجوده مخالف ڌر چارٽر آف ڪرپشن ڪرپشن تي صحيحون ڪيون جيڪو هاڻي ختم ٿي ويو آهي.  وزيراعظم جي خاص مددگار شهزاد اڪبر چيو ته جي آءِ ٽي طرفان اٿاريل نقطن تي ڪو به اعتراض سپريم ڪورٽ نه ڪيو آهي، اومني گروپ، بحريا ٽائون، زرداري، فريال ٽالپر جا اعتراض به رد ڪيا ويا آهن.  هن چيو ته جي آءِ ٽي عدالت کي سفارش ڪئي ته معاملو نيب کي موڪليو وڃي جيڪو عدالت موڪلي ڇڏيو. سندس چوڻ هو ته مراد علي شاهه ۽ بلاول جا نالا جي آءِ ٽي مان ڪڍيا ويندا.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *