حڪومت 6 مهينن ۾ آنن ۽ ڪڪڙين کانسواءِ ڪجهه به ناهي ڪيو: مراد علي شاهه

ڪراچي ( اسٽاف رپورٽر ) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو چوڻ آهي ته حڪومت 6 مهينن ۾ آنن ۽ ڪڪڙين کانسواءِ ڪجهه ناهي ڪيو.  ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته گورنر کي اسان مقرر ڪندا آهيون وزيراعظم جي هدايت تي ۽ گورنر کي وڏي وزير ۽ ڪابينا جي صلاح تي ڪم ڪرڻو هوندو آهي جڏهن ته وزيراعظم چيو هو ته گرين لائن لاءِ بسون اسان آڻينداسين، اسان چيو ته بلڪل آڻيو، گورنر صاحب شايد وزيراعظم سان ملاقات دوران ڪمنٽس نه پڙهيا هئا. مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته جيڪڏهن وفاقي حڪومت اهڙو ڪم ڪندي ته پوءِ ڪيئن اڳتي وڌي سگهي ٿي، سندن پلان 100 ڏينهن جو هو، جيڪو اوهان سڀني ڏسي ورتو، 6 مهينن ۾ ايف بي آر جي وصولي ڏسي وٺو، آنن ۽ مرغين کانسواءِ ڪجهه ٿيو. هن چيو ته ميڊيا اصل شين تان ناهي ڏئي رهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *