انقره:(م ڊ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته سندس حڪومت پاڪستان ۾ ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري کي منافعي بخش ٺاهڻ لاءِ پرعزم آهي ۽ ان سلسلي ۾ هر سهولتون مهيا ڪيون وينديون، نيشنلائيزيشن جي پاليسي سان معيشت کي وڏو نقصان پهتو آهي، جڏهن ته سيڙپڪاري اڳيان رنڊڪون ختم ڪيون پيون وڃن.انقره ۾ ترڪ بزنس ڪميونٽي کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪستان 1960ع ۾ تيزي سان ترقي ڪندڙ معيشت ۾ شامل هو، 60 جي ڏهاڪي ۾ پاڪستان ملائيشيا ۽ ڏکڻ ڪوريا لاءِ رول ماڊل هو پر 60 ۾ سيڙپڪارن کي خراب سمجهيو ويو، جنهن سان معيشت کي نقصان پهتو، نيشنلائيزيشن پاليسي معيشت کي نقصان پهچايو.وزيراعظم عمران خان چيو ته سيڙپڪارن اڳيان رنڊڪون ختم ڪيون پيون وڃن ۽ کين سهولتون ڏنيون پيون وڃن. هن چيو ته معاشي ترقي لاءِ اسان اڳيان چين جو مثال موجود آهي، جيتري دولت ڪمائي ويندي ايترو ٽيڪس وڌيڪ ملندو، جڏهن ته ڪرپشن سبب انڊسٽري تباهه ٿي ويندي آهي.