ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اوشين مال ڪراچيءَ ۾ سنڌ رورل سپورٽ آرگنائيزيشن (سرسو)پاران رٿيل سرتيون سنگ ڪرافٽس ايگزيبيشن جي افتتاح کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اهو پيپلز پارٽي ريڊڪشن پروگرام آهي جيڪو سنڌ رورل سپورٽ آرگنائيزيشن (سرسو)تحت 2006 کان جاري آهي. هن چيو ته ان پروگرام جي ڪاميابي کي ڏسندي اسان کي يورين اڪنامڪ ڪميٽي پڻ فنڊنگ ڪري رهي آهي ۽ سنڌ حڪومت ان جو دائرو صوبي جي سمورن ضلعن تائين وڌايو آهي ۽ سنڌ صوبي جي هر ضلعي ۾ اهو پروگرام هلي رهيو آهي. مراد علي شاهه چيو ته اڄڪو هي ايونٽ گذريل پنجن سالن کان منعقد ٿي رهيو آهي. اسانجي ٻهراڙي وارن علائقن جون هنرمند عورتون جن کي مارڪيٽنگ جي سهولت موجود نه آهي سندن لاءِ اهو ايونٽ تمام موثر ۽ ڪارائتو ثابت ٿيندو، ان سلسلي ۾ اسان اوشين مال ۾ بهترين ماحول سان شروعات ڪري رهيا آهيون ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جو اهو منشور به آهي ته ملڪ مان غربت جو خاتمو ڪيو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته منهنجو هتي اچڻ ماڻهن خاص طور تي عورتن جي همت واڌائڻ آهي ۽ مون کي ان ڳالهه جي خوشي آهي ته ٻيا صوبا به اسانجي نقش قدم تي هلي رهيا آهن. نيب ۾ طلبي بابت هڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير سيد مراد علي شاه چيو ته مون کي ان سلسلي ۾ اڄ لاءِ ڪنهن به قسم جو نوٽيس ناهي مليو جنهن جي وزيراعليٰ هائوس مان وقت تي ترديد پڻ جاري ڪئي وئي آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مونکي اختيار حاصل آهن. هن چيو ته 2016ع کان مان وڏ وزارت سنڀالي آهي ۽ تڏهن کان مون ڪابه زمين الاٽ ناهي ڪئي ۽ اسان سپريم ڪورٽ جي حڪمن جا پابندي آهيون. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته جي آءِ ٽي تي تبصرو ڪرڻ تي چيف جسٽس پاڪستان خاص طور تي منع ڪيو آهي، مون وٽ مستند جواب موجود آهن پر مان سپريم ڪورٽ جو احترام ڪندو آهيان تنهن ڪري ڪابه راءِ نه ڏيندس. هن چيو ته جڏهن عمران خان وزيراعظم جي حلف کڻڻ جي هڪ مهيني کانپوءِ قائداعظم جي مزار تي حاضري ڀرڻ لاءِ ڪراچيءَ آيو هو ته ان دوران هن هڪ ترقياتي رٿائن بابت هڪ اجلاس به گهرايو هو، جنهن ۾ هن چيو ته بسون اسان آڻينداسين اجازات ڏيو، اسان ته انهيءَ وقت راضپو ڏيکاريو ۽ ان اجلاس جا منٽس پڙهو ان ۾ صاف صاف لکيل آهي پر هاڻ ٽن مهينن بعد گورنر چوي پيو ته ڪراچيءَ جي ماسٽر پلان جي خبر ئي نه آهي. گورنر چاهي ته اهي منٽس پڙهي شايد هن پڙهيا ئي نه آهي. باقي سهڪار جي ڳالهه آهي ته مون وزيراعظم ۽ گورنر سنڌ کي صاف صاف چيو آهي ته اسان جو آئين صوبي ۽ وفاق جي حدن جي مقرر ڪندو آهي. هن وڌيڪ چيو ته وفاق يا صوبا هڪ ٻئي جي حدن ۾ مداخلت نه ڪن سٺي ريت ڪم ڪري سگهجي ٿو. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته آئين مطابق گورنر جي مقرري وزيراعظم جي صلاح سان صدر ڪندو آهي ۽ گورنر مقرر ٿيڻ بعد هُو آئين جي آرٽيڪل 105 جو پابند آهي، آئين جي روح سان هُو ان ڳالهه جو پابندي به آهي ته صوبائي وڏي وزير ۽ ڪابينا جي صلاح تي عمل ڪري. هن وڌيڪ چيو ته هُو اهو سمجهي ته گڏ ڪم ڪيو ويندو نه سمجهندو ته گڏ ڪيئن هلنداسين. وڏي وزير چيو ته مونکي پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ سنڌ جي عوام جو اعتماد حاصل آهي ۽ فنڊز جو معاملو تمام ڳنڀير آهي ۽ ميڊيا به شايد اصل شين تي ڌيان نه پئي ڏئي. اوهان ڇهن مهينن ۾ ايف بي آر جي ڪليڪشن ڏسو سندن گروٿ ۾ 2 سيڪڙو واڌ ٿي آهي، اسان کي رقم اتان ئي ملندي آهي، جيڪڏهن اهي ايئن ڪم ڪندا ته صوبن کي رقم ڪٿان ڏيندا. دراصل اهي پنهنجي ڪمن کان پري ٿي ويا آهن، انهن کي سکيا جي ضرورت آهي. هن چيو ته اوهان اسانجي حڪومت ۽ ايس آر بي جي ڪليڪشن ڏسو جنهن ۾ 18 سيڪڙو واڌ ٿي آهي. هن چيو ته مون کي گورنر جي عهدي جو احترام آهي. هن چيو ته مان بطور وڏو وزير گهڻو ڪجهه ڪرڻ چاهيان ٿو ۽ مان پنهنجي حلف جو پابند آهيان. گورنر آئين جي پاسداريءَ جو حلف ورتو آهي جنهن مطابق هن کي وڏي وزير ۽ ڪابينا جي صلاح سان ڪم ڪرڻ گهرجي. انهيءَ کان اڳ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سنڌ رورل سپورٽ آرگنائيزيشن پاران اوشئن مال ڪلفٽن ڪراچي ۾ رٿيل ٽن ڏينهن واري ”سرتيون سنگ ڪرافٽس فيسٽيول“ افتتاح ڪيو. وڏي وزير چيو ته سنڌ حڪومت جي مالي سهڪار سان ٻهراڙين ۾ غربت جي خاتمي ۽ ثقافتي هنرمند همت افزائيءَ لاءِ سرسو کي 2006ع ۾ قائم ڪيو ويو. ھن چيو ته هٿ جي هنر کي هٿي ڏيارڻ سنڌ حڪومت جي ترجيح ۾ شامل آهي. سنڌ هزارين سال قديم ۽ تهذيب يافته خطو هجڻ سبب هتان جي ثقافت پنهنجو مٽ پاڻ آهي. وڏي وزير چيو ته سنڌ جي مختلف ضلعن سان سلهاڙيل ٻهراڙين جي عورتن کي منظم ڪرڻ ۽ انهن جي هٿ جي بيمثال هنرن کي هٿي وٺرائڻ ۽ فروغ جي سلسلي ۾ سرسو پاران کنيل ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. هن چيو ته اهڙن ميلن جي منعقد ڪرڻ سان اسان پنهنجي معاشري ۾ حقيقي تبديلي آڻي سگهون ٿا ۽ پٺتي پيل علائقن جي عورتن کي بهتر موقعا فراهم ٿي سگهن ٿا ته جيئن انهن هنرمند عورتن کي پنهنجي محنت جو مناسب معاوضو ملي سگهي. مراد شاهه چيو ته سرسو سنڌ حڪومت سان گڏجي ٻهراڙين سان تعلق رکندڙ هنرمند عورتن جي لڪيل صلاحيتن کي جهڙي ريت اُڀاريو آهي ۽ کين پنهنجي پيرن تي بيهاريو آهي اهو ساراهه جوڳو عمل آهي. سرسو جي چيف ايگزيڪيٽو آفيسر محمد ڏتل ڪلهوڙي جو چوڻ هيو ته سرسو پاران ڪيل ڪوششون سڀني جي سامهون آهن جنهن کي مضبوط ڪرڻ لاءِ اختيار ادارن ۽ حڪومت جي ساٿ جي اڃا به ضرورت آهي. هن چيو ته مان پڪ سان چئي سگهان ٿوته اهو ڏينهن به پري ناهي جو اسان جا ڳوٺاڻا ترقي يافته ڳوٺن جي صف ۾ شامل ٿي ويندا. هن چيو ته هي اسانجو ڇھون ساليانو ميلو آهي، جنهن کي نه صرف ساراهيو ويو آهي بلڪه ايئن ڪرڻ سان باصلاحيت عورتن جي سماجي حالت ۾ پڻ اضافو ٿيو آهي ۽ سندن همت وڌي آهي. ميلي ۾ ايندڙ شهرين کانسواءِ ڏيهي ۽ پرڏيهي مهمانن هٿ سان ٺاهيل گهريلو شين. جهڙوڪ؛ اجرڪ، ڪُڙتا، پوشاڪون، کُسا، بلوچي گج، سنڌي ٽوپيون، بيڊ شيٽون، روا، رليون، فرنيچر، ڊيڪوريشن پيسز، خالص چمڙي سان تيار ٿيل هينڊ بيگ ۽ ٻين ثقافتي شين ۾ گهري دلچسپي ورتي.