اسلام آباد ( بيورو ) پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه مخالف ڌر جي ميمبرن جي نيب چيئرمين سان ملاقات کي کل جوڳو قرار ڏئي ڇڏيو آهي. هڪ بيان ۾ خورشيد شاهه چيو ته مخالف ڌر جي ميمبرن کي چيئرمين نيب چيئرمين سان ملاقات نه ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته مخالف ڌر جي ميمبرن جي نيب چيئرمين سان ملاقات کل جوڳي آهي، نيب چيئرمين وٽ وڃڻ سان پارليامينٽ جو وقار مجروح ٿيندو. سندس چوڻ هو ته اسان وٽ اڪثريت آهي ته قانون ۾ ترميم ڪرڻ گهرجي. پ پ اڳواڻ تجويز ڏني ته بهتر هوندو ته اسپيڪر نيب چيئرمين کي گهرائي ها ڇو ته نيب چيئرمين کي اختيار پارليامينٽ ڏنو آهي.