پلي بار گين نه ڪيون ها ته هٿ آيل رقم ملڪ جو ڪو به ادارو واپس نه آڻي سگهي ها: نيب چيئرمين

اسلام آباد(بيورو)نيب چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال چيو آهي ته پلي بارگين تي ڏاڍا ماڻهو تنقيد ڪندا آهن ۽ جيڪڏهن پلي بارگين نه ٿئي ته جيڪا رقم اڄ تائين ريڪور ڪئي وئي اُها پاڪستان جو ڪو به ادارو واپس نٿو آڻي سگهي. نيب هيڊ ڪوارٽر اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي نيب چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال چيو ته بدعنواني، بدعنوان عنصرن سمورين براين جي پاڙ ۽ ملڪي ترقي جي رستي ۾ وڏي رنڊڪ آهن، ڪرپشن جو خاتمو نيب جي پهرين ترجيح آهي. جاويد اقبال چيو ته نيب جي موجوده قيادت ميگا ڪرپشن ڪيسن کي المارين مان ڪڍيو، انهن ڪيسن کي ميرٽ ۽ قانون جي موجب منطقي انجام تائين پهچائينداسين. قومي احتساب بيورو جي چيئرمين جو چوڻ هو ته نيب جي خلاف منظم ۽ جارحاڻي پروپيگنڊه ڪئي پئي وڃي، نيب تي تنقيد ڪندڙن کي آئين ۽ قانون ۽ نيب لا جو علم ئي ناهي، سپريم ڪورٽ ان قانون جي سمورن جزن جو جائزو  وٺي چڪي آهي، سپريم ڪورٽ نيب قانون کي نه غير آئيني چيو ۽ نه ئي ڊريڪونين لا چيو. جسٽس (ر) جاويد اقبال وڌيڪ چيو ته پلي بارگين تي ڏاڍا ماڻهو تنقيد ڪندا آهن جيڪڏهن پلي بار گين نه ٿئي ته جيڪا رقم اڄ تائين ريڪور ڪئي وئي آهي اُها پاڪستان جو ڪو به ادارو  واپس نه پئي آڻي سگهيو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *