اسلام آباد(بيورو) سپريم ڪورٽ پاڪستانين جي پرڏيهي اڪائونٽن ۽ ملڪيت واري ڪيس ۾ فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) ۽ فيڊرل انويسٽي گيشن ايجنسي (ايف آءِ اي کان 14 جنوري تائين رپورٽ طلب ڪري ورتي. چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ثاقب نثار جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ بينچ پاڪستانين جي پرڏيهي اڪائونٽن ۽ ملڪيت جي معاملي جي ٻڌڻي ڪئي. واضح رهي ته 13 ڊسمبر تي ٿيل گذريل ٻڌڻي تي عدالت عظميٰ وزير اعظم عمران خان جي ڀيڻ عليمه خان کي هڪ هفتي ۾ ادائيگي جو حڪم ڏنو هو. اڄ ٻڌڻي جي آغاز تي ايف بي آر اختيارين طرفان سپريم ڪورٽ کي آگاهه ڪيو ويو ته وزير اعظم جي ڀيڻ عليمه خان 29.4 ملين رپيا جمع ناهن ڪرايا. چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته اسان عليمه خان کي ڪيترو وقت ڏنو هو؟ جنهن تي ٽيڪس ميمبر ايف بي آر ٻڌايو ته عليمه خان 13 جنوري تائين پيسا جمع ڪرائي سگهن ٿا. ٻڌڻي دوران جسٽس اعجاز الاحسن پڇاڻو ڪيو ته ڇا ايف آءِ اي کي ماهوار رپورٽ فائل ڪرڻي هئي، 21 ماڊل ڪيسن تي ڪهڙي اڳڀرائي ٿي آهي؟ جنهن تي ايف بي آر اختيارين ٻڌايو ته سمورن ڪيسن تي ڪارروائيون ڪري رهيا آهيون، 13 ڊسمبر کان پوءِ 167 ملين ادا ڪيا ويا جڏهن ته 140 ملين مختلف ماڻهن کي ادا ڪرڻا آهن. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته تاثر ڏنو پيو وڇي ته دبئي وارين ملڪيتن تي 3 هزار ارب رپيا ملي سگهن ٿا. جنهن تي ايف بي آر چيئرمين ٻڌايو ته دبئي وارين ملڪيتن تي سڄي ملڪ ۾ آفيسون قائم ٿا ڪيون ۽ 775 ماڻهو دبئي جي ملڪيتن جي باري ۾ حلفي بيان ڏئي ويا آهن. ايف بي آر جي چيئرمين وڌيڪ ٻڌايو ته 60 ڪيس اهڙا آهن جنهن ۾ ملڪيتون وڌيڪ آهن، انهن ڪيسن کان وڌيڪ روينيو ملڻ جو امڪان آهي ۽ انهن کي ترجيحي بنيادن تي ڏسنداسين. هن وڌيڪ ٻڌايو ته 13 جنوري تي عدالت کي مفصل رپورٽ جمع ڪرائينداسين. جنهن تي چيف جسٽس چيو ته هي ڪم جيترو جلدي ٿيندو، ملڪ مضبوط ٿيندو، گڏوگڏ جسٽس ثاقب نثار پڇاڻو ڪيو ته ڇا ايف بي آر جنهن اسپيڊ سان ڪم ڪري رهي آهي هي ڪم ڪڏهن مڪمل ٿيندو.؟ ايف بي آر چيئرمين ٻڌايو ته انشا الله اي بي آر متحرڪ انداز سان انهن ڪيسن کي هلائيندو. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته اسان ايف بي آر تي ذميواري وجهي رهيا آهيون. خدا جو واسطو آهي ملڪ جو پيسو خزاني ۾ آڻڻ ۾ مدد ڪيو. گڏوگڏ عدالت عظميٰ 14 جنوري تي ايف بي آر ۽ ايف آءِ اي کان دبئي ملڪيتن تي رپورٽ طلب ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.