ڪراچي (هه آ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان اڄ سومر ڏينهن ويانا ۾ مقرر پاڪستان جي سفير منصور احمد خان وزيراعليٰ هائوس ۾ ملاقات ڪئي. آسٽريا سان گڏ ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن ۽ ڪراچيءَ لاءِ سٽي پلاننگ واري شعبي ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ ۽ آسٽريا جي مهارن کان فائدو وٺڻ وارن معاملن تي اتفاق ڪيو ويو. وڏي وزير چيو ته اسان ڪراچيءَ ۾ علامتي طور تي ٽرام هلائڻ جو پلان جوڙي رهيا آهيون جهڙي ريت ويانا جي اولڊ ايريا ۾ ٽرام هلندي آهي اهڙي ريت ڪراچيءَ جي اولڊ علائقي ۾ ٽرام کي بحال ڪرڻ جو پلان جوڙي رهيا آهيون. هن چيو ته اسان هائيڊرل پاور پروجيڪٽ تي به آسٽريا سان گڏ ڪم ڪرڻ چاهيون ٿا. آسٽرين انرجي واري شعبي هائيڊرل ۽ رينيوئيبل انرجي ۾ مهارت رکندا آهن ۽ اسان انهن سان گڏجي ڪم ڪرڻ چاهيون ٿا. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاڪستان جي سفير کي آسٽريا سان گڏ انهن شعبن ۾ سنڌ حڪومت سان ڪوآرڊينيشن وڌائڻ لاءِ پڻ ڳالهه ٻول ڪئي.