اسلام آباد (بيورو) پاڪستان ۽ برطانيا جي پرڏيهي وزيرن مني لانڊرنگ ۽ اثاثن جي ريڪوري سميت ٻين شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جو برطانوي هم منصب جيريمي هنٽ سان ٽيلي فونڪ رابطو ٿيو، جنهن ۾ ٻه طرفن لاڳاپن، اهم علائقائي ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي ٻنهي ڌرين ۾ ٻه طرفن لاڳاپن جي موجوده نوعيت تي اطمينان جو اظهار ڪيو ويو. ڳالهين دوران ٻنهي ملڪن جي قيدين بابت معاهدي جي جلد منظوري تي اتفاق ڪيو ويو، جڏهن ته ٻنهي ملڪن ۾ اسٽريٽيجڪ ڳالهين جو چوٿون دور 2019ع جي پهرين ٽن مهينن ۾ لنڊن ۾ ڪرڻ تي به اتفاق ڪيو ويو، ان سان گڏوگڏ پاڪستان ۽ برطانيا جي پرڏيهي وزيرن ٻنهي ملڪن وچ ۾ علائقائي سيڪيورٽي، دهشتگردي جي خاتمي لاءِ سهڪار، منظم ڏوهن، مني لانڊرنگ، اثاثن جي ريڪوري، اقتصادي ۽ واپاري شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ تي به اتفاق ڪيو.27