ڪراچي( م ڊ ) ڪراچيءَ جي ميئر وسيم اختر چيو آهي ته اسان جو مئنڊيٽ نالن ۽ روڊن تان حددخليون هٽائڻ آهي، نه ڪو گهر ڊاهيو ۽ نه وري ڪنهن کي ڊاهڻ ڏينداسين، ان حوالي سان غلط تاثر ڏنو پيو وڃي. سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽريءَ ۾ پيشيءَ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي وسيم اختر چيو ته نالن، پارڪن، روڊن، صدر ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ حددخلين خلاف آپريشن جي رپورٽ جمع ڪرائي وئي آهي. هن چيو ته سپريم ڪورٽ ڪي ايم سي، وفاقي ۽ سنڌ سرڪار کي وقت ڏنو آهي، گڏجي ويهو ۽ سڀاڻي صبح 8 وڳي رپورٽ جمع ڪرائي وڃي ته جئين وڌيڪ حڪم ڏئي سگهون. سندس چوڻ هو ته حڪومت طرفان اپيل ڪئي وئي آهي ته گهرن کي ٽوڙيو پيو وڃي جنهن تي مان چيو ته منهنجو مئنڊيٽ نالن ۽ روڊن تان حددخليون هٽائڻ آهي، گهر ٽوڙڻ ناهي، نه ڪو گهر ٽوڙيو آهي ۽ نه وري ڪنهن کي ٽوڙڻ نه ڏينداسين. وسيم اختر چيو ته حددخلين خلاف مهم جاري رکي ويندي، ڪراچي مان قبضا مافيا کي ختم ڪندي شهر کي اصل حالت ۾ بحال ڪنداسين. هن چيو ته اسان جي ڪوشش آهي ته دڪاندارن کي متبادل هنڌ ڏنو وڃي، ڪراچي ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشن کي قبضا هٽائڻ جي ذميواري ڏني وئي آهي، سنڌ سرڪار متاثرن کي متبادل جاءِ ڏي. وسيم اختر چيو ته پارڪ عوامي هنڌ آهن، اهي ماڻهن جي ڪاروبار جي جاءِ نه آهن، رودن، فوٽ پاٿن، پارڪن تان حددخليون ختم ڪنداسين، جيترن نالن ۽ پارڪن تي حددخليون آهن اهي سڀ هٽايون وينديون.
Author Details
Anna Riley
Members of Kanta Dab Dab, a band specialising in fusion of local Nepali and Western music elements, talk about their…
Leave a Reply