ڪراچي (اين اين آءِ) بينڪنگ ڪورٽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ سندس ڀيڻ فريال ٽالپر جي مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ڪچي ضمانت ۾ 21 ڊسمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي سومر تي آصف علي زرداري، فريال ٽالپر، انور مجيد، اي جي مجيد، طاحا رضيٰ ۽ نمر مجيد سميت ٻيا جوابدار مني لانڊرنگ ڪيس ۾ بينڪنگ ڪورٽ ۾ پيش ٿيا، ان موقعي تي پ پ جي مرڪزي سيڪريٽري اطلاعات نفيسه شاهه به عدالت ۾ موجود هئي ٻڌڻي دوران جاچ آفيسر روپوش جوابدارن بابت رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي عدالت آصف علي زرداري، فريال ٽالپر ۽ ٻين جوابدارن جي ڪچي ضمانت ۾ 21 ڊسمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي. جنهن کانپوءِ عدالت ڪيس جي ٻڌڻي به 21 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي جنهن کانپوءِ آصف علي زرداري، فريال ٽالپر ۽ ٻيا به بينڪنگ ڪورٽ ۾ حاضري ڀري روانا ٿي ويا. آصف علي زرداري ، فريال ٽالپر ۽ ڪيس ۾ نامزد ٻين جوابدارن جي ڪچي ضمانت جو آخري ڏينهن هو عدالت جي ڪمري ۾ آصف علي زرداري ۽ عبدالغني مجيد جي ملاقات ٿي ۽ ٻئي هڪ سيٽ تي ويهي ڳالهيون ڪندا رهيا. ڪيس جي ٻڌڻي کان اڳ عدالت جي ڪمري ۾ پيپلز پارٽي جي جيالن جو وڏو انگ موجود هو جنهن تي عدالتي اسٽاف اڻ واسطيدار ماڻهن کي پوئتي وڃڻ جو حڪم ڏنو ان کانسواءِ عدالت ۾ به آصف علي زرداري ذاتي گارڊز جي پهري ۾ هو آصف علي زرداري جي بينڪنگ ڪورٽ ۾ پيشي جي موقعي تي عدالت جي ڀرپاسي سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا هئا جنهن کانپوءِ نفيسا شاهه ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پي ٽي آءِ جو منشور ٻه نه پر هڪ پاڪستان هو اڄ اسان کي ٻه پاڪستان نظر اچي رهيا آهن پ پ جي اڳواڻن جون پنج پنج هنڌن تي حاضريون ۽ پيشون ٿي رهيون آهن عمران خان تي نيب ڪيس آهي جڏهن ته کيس نيب کان ڇوٽ حاصل آهي هن چيو ته وزيراعظم عمران خان جي ڀيڻ عليمه خان بابت هڪ رپورٽ آئي ۽ ان تي ڪا به اڳڀرائي ناهي ٿي. نفيسا شاهه چيو ته آئين موجب هر شهري قانون جي نظر ۾ برابر آهي پوءِ وزيراعظم ۽ ان جي ڀيڻ جي معاملي ۾ فرق ڇو آهي. نفيسا شاهه وزيراعظم تي تنقيد ڪندي چيو ته وزيراعظم وٽ ڪڪڙين ۽ آنن کانسواءِ ٻي ڪا به پاليسي ناهي.