اسلام آباد ( بيورو ) وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ وزارتن ۽ ڊويزنن جي ڪارڪرگي جو جائزو ورتو ويو. وفاقي سرڪار جي ترجمان طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ وزيرن کان ڪارڪردگي بابت 3، 3 سوال ڪيا ويا. اجلاس ۾ ڪابينا ميمبرن جي ڪارڪردگي لاءِ اجلاس هر ٽن مهينن بعد گهرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي جنهن ۾ ڪارڪردگي جي جائزو وٺي بهتري لاءِ قدم تجويز ڪيا ويندا. ترجمان جو چوڻ آهي ته وزارتن جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺڻ جو مقصد حڪومتي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ آهي، حڪومت جو بنيادي مقصد عام شهرين جي زندگي جو معيار بهتر ڪرڻ آهي. هن چيو ته وزيراعظم سمورن وزارتن کي لاڳاپيل شعبن ۾ بهتري لاءِ پنجن سالن جو منصوبو ڏيڻ جو ٽاسڪ ڏنو آهي، وفاقي وزيرن کان ايندڙ ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ لاءِ قدمن بابت پڇا ڳاڇا ڪئي ويندي.