اسلام آباد ( بيورو ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ڪنهن لاءِ به ڀاڙي جي فوجي جو ڪم نه ڪندو، اهو ئي ڪنداسين جيڪو ملڪي مفاد ۾ هوندو. آمريڪي اخبار واشنگٽن پوسٽ کي انٽرويو ڏيندي عمران خان چيو ته پاڪستان ۾ دهشتگرديءَ جو ڪو به ٿاڪ ناهي، نه ٿا چاهيون ته آمريڪا تڪڙ ۾ افغانستان مان نڪري وڃي، افغانستان ۾ امن قائم ڪرڻ پاڪستان جي مفاد ۾ آهي ۽ پاڪستان ڳالهين جي عمل لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪندو، سپر پاور سان ڪير بهتر لاڳاپا نه رکڻ چاهيندو آهي پر پاڪستان آمريڪا سان اهڙا ئي لاڳاپا چاهي ٿو جيئن ٻطرفا لاڳاپا چين سان آهن. هن چيو ته اسان واشنگٽن سان بهتر لاڳاپا چاهيون ٿا پر اسان آمريڪا لاءِ جنگ نه وڙهنداسين، منهنجي ٽرمپ سان ٽوئيٽر تي ڪابه جنگ ناهي پر رڪارڊ جي درستگي ڪئي اهو انڪري آهي جو اسان کي افغانستان ۾ آمريڪا جي ناڪام پاليسين جو ذميوار قرار ڏنو پيو وڃي.