موجوده حڪومت جهيڙن جو ٽولو آهي عمران خان ون مين شو ڪري رهيو آهي؛مرتضيٰ وهاب

ڪراچي ( هه آ)  سنڌ جي وڏي وزير جي اطلاعات، آرڪائيوز، قانون ۽ اينٽي ڪرپشن بابت صلاحڪار مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته ماڻهن کي بي گهر ڪرڻ واري تبديلي سرڪار حددخلين خلاف آپريشن رڪرائڻ جو ڪريڊٽ وٺڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهي آهي جڏهن ته سنڌ حڪومت اڳواٽ ئي ميئر ڪراچي کي حددخلين جي آپريشن بابت حڪم ڏئي ڇڏيا هئا. سنڌ حڪومت 6 ڊسمبر جو سپريم ڪورٽ ۾ حددخلين بابت نظرثاني واري درخواست دائر ڪندي ۽ سنڌ حڪومت نظرثاني جي درخواست دائر ڪرڻ جي مڪمل تياري ڪري ڇڏي آهي. هن چيو ته حددخلين خلاف آپريشن تي نظرثاني جي درخواست جي منظوري سنڌ ڪابينا پهرين ڊسمبر جو ڏئي چڪي هئي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڄ پنهنجي هڪ بيان ۾ ڪيو. بيريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو ته حددخلين خلاف آپريشن جي ڏس ۾ سنڌ حڪومت هڪ ساراهڻ جوڳو فيصلو پڻ ڪيو آهي جنهن بابت آپريشن متاثر ٿيندڙ دڪاندارن کي هلندڙ مهيني تائين متبادل جاءِ فراهم ڪئي ويندي. پهرين مرحلي ۾ 4 هزار کان وڌيڪ متاثرين کي متبادل جڳهه ڏني ويندي ته جيئن اهي حلال رزق ذريعي پنهنجو ڪاروبار جاري رکي سگهن. هن چيو ته حددخلين خلاف آپريشن ۾ ايم ڪيو ايم ۽ تحريڪ انصاف جو ڪردار ڪنهن کان لڪل نه آهي ڪراچي جي ميئر جي سياسي وابستگي جنهن جماعت سان آهي اهو وفاق ۾ حڪومت جي اتحادي آهي. هن چيو ته تحريڪ انصاف جي حڪومت جهيڙن جو ٽولو آهي ۽ وزيراعظم سياست چمڪائڻ لاءِ ون مين شو ڪري رهيو آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *