ٽنڊو الهيار ( م ڊ ) پ پ جي شريڪ چيئرمين ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته غير سنجيده وزيراعظم ملڪ نه سنڀالي سگهندو، حڪومت کي خطرو هوندو ته اهي سپورٽ ڪندا جن کيس آندو آهي. ٽنڊي الهيار ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو ته عمران خان ته چئي انتقامي ڪارروائي ڪري رهيو آهي، وزيراعظم مخالف ڌر کي جيلن ۾ وجهڻ جي ڳالهه ڪئي، اسان ۾ جيل وڃڻ جو صبر به آهي ۽ حوصلو به آهي، ڇا عمران خان جيل جون سختيون برداشت ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته جيستائين جان ۾ جان آهي، اهي جنگيون هلنديون رهنديون، پهريون به بي بي کي تنگ ڪرڻ لاءِ مون کي قيدي بڻايو ويو، اسان جي همت آزمايو، اسان سندن ظلم آزمائينداسين. اڳوڻي صدر چيو ته ميان صاحب احتساب جو قانون منهنجي لاءِ ٺاهيو ۽ کيس ڳچيءَ ۾ پئجي ويو. هن چيو ته بلاول ڀٽو کي نه پر جي آءِ ٽي مون کي ۽ منهنجي ڀيڻ کي طلب ڪيو. سندس چوڻ هو ته ملڪي حالتون ڳنڀير آهن،پ پ آئين کي اصلي حالت ۾ بحال ڪيو، هو چون ٿا ته ارڙهين ترميم ۾ ڪجهه شقون ڪمزور آهن، هو ڪمزور شقن جو بهانو ڪري 18 هين ترميم کي ختم ڪرڻ چاهين ٿا. اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو ته ڪراچيءَ ۾ هزارين دڪان ڪيرائي ماڻهن کي بيروزگار ڪيو ويو، مان نه ٿو سمجهان ته حڪومت معاملا سنڀالي سگهندي. هن چيو ته حڪومت غير سنجيده آهي، سياسي اپروچ ناهي، 100 سال پراڻي گورنر هائوس جي ڀت ٽوڙڻ جي پاليسي سندن پاليسي آهي. سندس چوڻ هو ته عمران خان مون کي جيل ۾ موڪليو ته کيس ايندڙ وزيراعظم جيل حوالي ڪندو.