ڪراچي (هه آ) سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ٽرانسفر ليٽر تي گاڏي جو استعمال غيرقانوني آهي. هن ايڪسائيز کاتي کي هدايت ڪئي ته اهڙين گاڏين خلاف ڪريڪ ڊائون ڪيو وڃي. هن اهو فيصلو اڄ اڱاري ڏينهن وزيراعليٰ هائوس ۾ ايندڙ ايپڪس ڪميٽي واري اجلاس جي حوالي سان امن امان جي هڪ جائزي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ صوبائي وزير ناصر حسين شاهه، وڏي وزير جو صلاحڪار مرتضيٰ وهاب، انسپيڪٽر جنرل پوليس ڊاڪٽر ڪليم امام، ايڊيشنل آءِ جي اسپيشل برانچ ڊاڪٽر ولي الله دل، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري ساجد جمال ابڙو، ڪمشنر ڪراچي افتخار شهلواڻي ۽ ٻين شرڪت ڪئي. هڪ سوال تي ايڊيشنل آءِ جي اسپشل براچ ڊاڪٽر ولي الله دل وڏي وزير کي ٻڌايو ته گاڏي جيڪا دهشتگردن چين جي سفارتخاني تي ٿيل حملي لاءِ استعمال ڪئي هئي اها جنهن شخص جي نالي تي آهي اها گاڏي ڇهه ورهيا اڳ وڪامي هئي ۽ ان جي لاڏاڻي کي پنچ ورهيا گذري ويا هئا ۽ گاڏي ٽرانسفر ليٽر تي استعمال ٿي رهي هئي. ان تي وڏي وزير هدايت ڪئي ته شهر ۾ ٽرانسفر ليٽر تي هلندڙ گاڏين خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪيو وڃي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي ڏوهن جي انگن اکرن تي بريفنگ ڏيندي انسپيڪٽر جنرل پوليس ڊاڪٽر ڪليم امام چيو ته 2013 ۾ 61 دهشتگرديءَ جا واقعا پيش آيا جيڪي هاڻ گهٽ ٿي 2018ع ۾ رڳو 2 واقعا ٿيا آهن. اهڙي ريت 2013ع ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ جا 509 ڪيس رپورٽ ٿيا هئا جڏهن ته 2018ع ۾ انهن جو انگ گهٽ ٿي رڳو 5 آهي. 2013ع ۾ ڀتاخوريءَ جا 575 ڪيس رڪارڊ ڪيا ويا هاڻ 2018ع ۾ گهٽ ٿي انهن جو انگ 131 آهي. ڀنڱ لاءِ اغوا وارن ڪيسن بابت ٻڌائيندي آءِ جي پوليس ٻڌايو ته 2013 ۾ 173 ڪيس رپورٽ ٿيا هئا ۽ 2018ع ۾ اهي رڳو 12 ڪيس رجسٽرڊ ٿيا آهن. ان تي وڏي وزير چيو ته هن پوليس کي وڌ ۾ وڌ سهولتون فراهم ڪيون آهن ۽ سندن جديد هٿيارن ۽ سکيا سان آراستا ڪيو آهي انڪري ڏوهن جي شرح گهٽ ٿي آهي. مراد علي شاهه چيو ته هاڻ مان چاهيان ٿو ته ٿاڻي وارو ڪلچر تبديل ٿئي ۽ ان لاءِ مون پوليس پبلڪ فرينڊلي بڻائڻ لاءِ ضروري اپاءَ ورتا آهن. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته 2013ع ۾ 12187 موبائل ڦر جا واقعا ٿيا هئا ۽ 2018ع ۾ ان ۾ واڌ ٿي آهي ۽ 14051 واقعا رپورٽ ٿيا آهن، انهن واقعن ۾ واڌ جا ڪارڻ ٻڌائيندي آءِ جي پوليس چيو ته ماضيءِ ۾ امن امان جي صورتحال خراب هئي ۽ ماڻهو موبائل ڦر جي واقعن کي رجسٽرڊ ڪرائڻ لان ڪيٻائيندي هئا ۽ هاڻ امن امان جي صورتحال بهتر آهي ۽ ماڻهن پنهنجون شڪايتون درج ڪرائڻ شروع ڪيون آهن. وڏي وزير چيو ته ڪارڻ ڪهڙو به هجي ڏوهن تي لازمي طور تي ضابطو هئڻ گهرجي. ڊاڪٽر ڪليم امام موٽر سائيڪلن ۽ گاڏين ڦر بابت ٻڌايو ته 2013ع ۾ 5118 موٽر سائيڪلون ڦر ڪيون ويون ۽ 2018ع ۾ انهن جو انگ گهٽجي 1892 رپورٽ ٿيون آهن، اهڙي ريت 2013ع ۾ 980 گاڏيون ڦر ڪيون ويون جڏهن ته 2018ع ۾ انهن جو انگ 165 آهي. وڏي وزير آءِ جي پوليس کي هدايت ڪئي ته هُو اهم هنڌن جهڙوڪ سفارتخانن، سي ايم هائوس، گورنر هائوس ۽ آءِ جي آفيس ٻاهر مقرر پوليس اهلڪارن کي بلٽ پروف جيڪٽس فراهم ڪيون وڃن ۽ اهي لازمي طور تي بلٽ پروف جيڪٽس پهريل هجن. مراد علي شاهه گهرو سيڪريٽري قاضي ڪبير کي اها به هدايت ڪئي ته هُو چائنيز قونصليٽ جي حملي جي نتيجي ۾ مارجي ويل بلوچستان جي ٻن شهرين کي معاوضي جي حوالي سان سفارشون موڪليون وڃن. هن انهن کان زخمي سڪيورٽي گارڊ جي علاج بابت پڻ پڇا ڪئي. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته سڪيورٽي گارڊ جي بهتري ريت سارسنڀال ۽ علاج ٿي رهيو آهي.