اسلام آباد(بيورو) چيف اليڪشن ڪمشنر سردار رضا چيو آهي ته معذور ماڻهن جي ووٽ رجسٽريشن اسن اجي ترجيحن ۾ شامل آهي. تفصيل موجب اسلام آباد ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر خاص ماڻهن جي لاءِ تقريب جي خطاب ڪندي چيو ته معذور ماڻهن جي لاءِ پوسٽل بيلٽ متعارف ڪرايو ويو. سردار رضا چيو ته معذور ماڻهن جي چونڊ عمل ۾ شموليت جا سٺا بندوبست ڪيا، چونڊ عمل ۾ معذور ماڻهن جي شرڪت حوصلو ڏيندڙ آهي. چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته چونڊن بعد جائزي ۾ 5 سالن جو پلان ڏينداسين، معذور ماڻهن جي چونڊ عمل ۾ شريڪ ٿيڻ جو ذڪر ڪنداسين. هن وڌيڪ چيو ته معذور ماڻهن جي ووٽ رجسٽريشن اسان جي ترجيحن ۾ شامل آهي، اليڪشن ڪميشن سلهاڙيل آفيسن ۾ معذور ماڻهن جي لاءِ ڪمرا بڻائيندي.
Author Details
![](http://dailynawaisindh.com/wp-content/themes/newsetmag/assets/images/avatar.jpg)
Anna Riley
Members of Kanta Dab Dab, a band specialising in fusion of local Nepali and Western music elements, talk about their…
Leave a Reply