بلاول ڀٽو زرداري سڀاڻي کان سڄي ملڪ جي دورن جي شروعات ڪندو، شيڊول جاري

ڪراچي (م ڊ ) پاڪستان پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سڀاڻي کان سڄي ملڪ جي دورن تي نڪرندو ، ان سلسلي ۾ هو اسلام آباد، پشاور، لاهور ۽ ڪراچي کانپوءِ نئين ديري ويندو.  تفصيل موجب بلاول ڀٽو زرداري سڀاڻي اسلام آباد روانو ٿيندو جتي هو چار ڏينهن ترسڻ بعد پشاور روانو ٿيندو، بلاول هائوس مان جاري ڪيل شيڊول موجب بلاول ڀٽو زرداري 9 کان يارنهن ڊسمبر تائين پشاور ۾ ترسندو ۽ پيپلز پارٽي جي اڳواڻن سان ملاقاتون ڪندو. بلاول ڀٽو زرداري پشاور جي دوري کانپوءِ واپس اسلام آباد پهچندو ۽ اسلام آباد ۾ ترسڻ کانپوءِ لاهور جو دورو ڪندو، پ پ چيئرمين لاهور جي دوري کانپوءِ واپس ڪراچي پهچندو. پ پ ذريعن موجب جنهن بعد پيپلز پارٽي چيئرمين 26 ڊسمبر کي نئين ديري لاءِ روانو ٿيندو جتي هو 27 ڊسمبر کي پنهنجي امڙ بينظير ڀٽو جي ورسي تقريب ۾ شرڪت ڪندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته بلاول ڀٽو زرداري سان اڄ پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻ خورشيد شاهه، چوڌري منظور ۽ وڏي وزير سان ملاقاتون ڪندو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *