ڪپتان حڪومت نه سنڀالي سگهندو، ڪم نه ڪيو ته گهر وڃڻو پوندو: آصف زرداري

صادق آباد ( م ڊ ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته لڳي نه ٿو ته ڪپتان جي حڪومت گهڻو وقت هلي سگهندي، ڪم نه ڪيو ته کيس گهر وڃڻو پوندو.  صادق آباد ۾ پ پ جي جلسي خطاب ڪندي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو ته لڳي نه ٿو ته ڪپتان گهڻو وقت حڪومت سنڀالي سگهندو، هاڻي سچ تان پردو کڻڻو پوندو. هن چيو ته  عمران خان عوام سان ڪوڙا واعدا ڪيا ۽ يوٽرن ورتو، خبر آهي ته پنجاب ۾ ڪئين پوليس کي استعمال ڪيو ويندو آهي. سندس چوڻ هو ته مان پنهنجي دور ۾ صدر جا اختيار پارليامينٽ کي منتقل ڪيا، اسان جي دور ۾ ڪو به سياسي قيدي نه هو ۽ نه وري ڪنهن جو احتساب ڪيو ويو. آصف علي زرداري چيو ته عوام جا اصل حقدار اسان آهيون، اسان ڪنهن جا ٺاهيل پتا نه آهيون. هن چيو ته هر ماڻهو اهو سمجهي ٿو ته هو گهڻو هوشيار آهي، خبر آهي ته پنجاب کي پوليس کي ڪئين استعمال ڪيو ويندو آهي. سندس چوڻ هو ته موقعو مليو ته ڊريپ ايريگيشن سسٽم آندو ويندو، پنهنجي دور ۾ ڪم به ڪيو ۽ بجيٽ به وڌائي. اڳوڻي صدر آصف زرداري چيو ته تاريخ ۾ هٽلر ۽ نيپولين کي سٺو تسليم نه ڪيو ويندو آهي،

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *