خيرپور (بيورو چيف؛شاهد نواز سيال) سنڌ جي وڏي وزير جي خاص معاون نواب علي وساڻ جا يوم تاسيس جي جلسي کي ڪامياب بڻائڻ جي سلسلي ۾ ڪنگري خيرپور تعلقن جي مختلف ڳوٺن، شهرن جا طوفاني دورا ڪيا جڏهن ته تعلقي ڪنگري خيرپور جي يوسي موهيل ۾ محمد عثمان سولنگي ۽ عبدالوحيد جاگيراڻي پاران الڳ الڳ ڪوٺايل عظيم عاليشان جلسن کي خطاب ڪندي چيو ته پي پي پي جي 51هين يوم تاسيس جو جلسو تاريخي ثابت ٿيندو عوام پي پي جيالا ۽ ورڪر وڏي انگ ۾ شريڪ ٿيندا نواب علي وساڻ چيو ته وفاقي سرڪار مڪمل ناڪام ٿي چڪي آهي ملڪي معشيت تباهي ڪناري تي پهچي وئي آهي ملڪ جو غريب عوام مهانگائي جي چڪي ۾ پيسجي رهيو آهي بلاول ڀٽو زرداري واحد ليڊر آهي جنهن کي ملڪ جو عوام پڪاري رهيو آهي 2019ع سال بلاول ڀٽو جو سال ثابت ٿيندو نواب علي وساڻ چيو ته بلاول ڀٽو زرداري خلاف ڪا به سازش ٿي ته ڀٽو جا شيدائي پي پي پي جيالا ۽ نوجوان روڊن تي هوندا جمهوريت خاطر ڀٽو خاندان جي ڏنل قربانين کي وساري نٿو سگهجي هن وڌيڪ چيو ته عمران حڪومت جي 100 ڏينهن ۾ عوام کي بک بيروزگاري، مهانگائي جا تحفا ڏنا ويا آهن غريب ماڻهو ويلو کائڻ لاءِ پريشان آهي انشاءُ الله بلاول ڀٽو زرداري ملڪ جو وزير اعظم ٿيندو ۽ ملڪ مان بيروزگاري مهانگائي دهشتگردي ۽ لاقانونيت جو پاڙون جڙ کان ختم ڪيون وينديون شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي نعري روٽي ڪپڙا اور مڪان کي عملي جامو پارايو ويندو نواب علي وساڻ چيو ته سنڌ پاڪستان جي دل آهي پر وفاقي سرڪار سنڌ سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪندي سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو هڻڻ جو سوچي رهي آهي پي پي پي سنڌ دشمن منصوبن خلاف ڪنهن به قيمت تي سوديبازي نه ڪندي نواب علي وساڻ چيو ته پي پي پي ملڪ جي واحد سياسي پارٽي آهي جنهن جي قائدين ملڪ قوم سنڌ ڌرتي ۽ جمهوريت لاءِ جانين جا نظرانه ڏنا آهن هوڏانهن وڏي وزير جي خاص معاون نواب علي وساڻ جو ڪوٽ پل پهچڻ تي جيئي ڀٽو جي نعرن جي گونج ۾ شاندار استقبال ڪيو ويو کيس اجرڪن جا تحفا پڻ ڏنا ويا. جڏهن ته ٻي طرف وڏير وزير جي خاص معاون نواب علي وساڻ يوسي موهل ۾ پي پي پي ورڪرن سان سندن پونئيرن جي وفات هٿ فاتح ڪري ڏک جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي سردار عذير گهمرو، سيد آفتاب شاهه راشدي، سيد عبداللطيف شاهه، طارق عزيز ڳاهو، سيد فيض الله شاهه، سيد روشن شاهه، سيد اڪرام شاهه، امير بخش انصاري، تاج محمد جاگيراڻي، عبدالحميد عباسي، ابراهيم مڱريو، عبدالاحد جاگيراڻي ۽ ٻيا ساڻس گڏ هئا.