ڪي فور منصوبي کي گڏجي مڪمل ڪرڻ تي سنڌ ۽ وفاق ۾ اتفاق

ڪراچي(م ڊ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ آبي مسئلن واري وفاقي وزير فيصل واوڊا جي ملاقات ۾ اتفاق ڪيو ويو ته ڪي فور کي سنڌ ۽ وفاقي حڪومتون گڏجي مڪمل ڪنديون. تفصيل موجب سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ آبي مسئلن واري وفاقي وزير فيصل واوڊا ۾ ملاقات ٿي. ملاقات ۾ مڪاني ادارن وارو وزير سعيد غني به موجود هو. ملاقات دوران پاڻي جي مسئلي، ورڇ، چوري ۽ غير قانوني هائيڊرنٽس تي ڳالهيون ٿيون جڏهن ته مختلف علائقن ۾ پاڻي جي بندش ۽ ڪي فور منصوبي جو به جائزو ورتو ويو. وفاقي وزير فيصل واوڊا چيو ته وزير اعظم کي ڪي فور منصوبي جي بجيٽ وڌائڻ جي درخواست ڪئي آهي، شفافيت برقرار رکڻ جي لاءِ ڪي فور جي اسڪروٽني جي تجويز ڏني آهي. هن چيو ته رولڙي جو شڪار معاملن تي اتفاق ڪيو ويو آهي. ٽيلي ميٽر جي مسئلي تي اتفاق راءِ ٿي ويو آهي.  آئون گورنر وٽ وڃي رهيو آهيان، ڪي فور تي هن کي به بريفنگ ڏيندس. ٽاسڪ فورس جي تجويز ڏني آهي جنهن جو سربراهه سنڌ جو وڏو وزير هوندو، ڪميٽي ۾ ڊي جي رينجرز ۽ آءِ جي سنڌ به شامل هوندا. فيصل واوڊا چيو ته غير قانوني هائيڊرنٽس جي لاءِ بري خبر آهي آئون انهن ڏانهن اچي رهيو آهيان، سنڌ جي وڏي وزير ۽ صوبائي حڪومت سان گڏ هلڻ لاءِ تيار آهيون. ڪنهن صوبي جي آئيني اختيارن ۾ مداخلت جو سوچي به نٿا سگهون. هن چيو ته ايم ڊي واٽر بورڊ بابت سنجيده خدشا آهن. سياست پنهنجي جاءِ تي پر غلط شين تي پوئتي نه هٽندس. ذاتي جهيڙو ناهي، سنڌ حڪومت سان گڏجي ڪم ڪرڻ خوشي جي ڳالهه آهي. سنڌ ۽ وفاق جو ڪراچي ۾ پاڻي جي مسئلي تي اتفاق خوشي جي ڳالهه آهي ان موقعي تي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته پاڻي سمجهوتي تي عملدرآمد تي اسان هميشه ڳالهه ڪئي آهي، بلوچستان کي تڏهن پورو پاڻي ملندو جڏهن سکر بيراج جي پوزيشن ٺيڪ ٿيندي. ڀرپور ڪوشش هوندي آهي ته بلوچ ڀائرن کي پورو پاڻي ڏيون. هن چيو ته تجويز تي سنڌ حڪومت کي ڪو به اعتراض ناهي، ڪي فور منصوبو سنڌ ۽ وفاقي حڪومت گڏجي مڪمل ڪندي. ان موقعي تي مڪاني ادارن واري وزير سعيد غني جو چوڻ هو ته پاڻي چوري ۾ جيڪو به ملوث هوندو ان جي خلاف ڪارروائي ڪنداسين. واٽر بورڊ ۾ ڪنهن جي خلاف ڪو به ثبوت مليو ته ڪارروائي ڪنداسين، غير قانوني هائيڊرنٽس جي خلاف روزاني ڪارروائيون ٿي رهيون آهن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *