اسلام آباد (م ڊ) سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته ڪرتارپور بارڊر کلڻ سان تاريخ لکجي ويندي، پاڪستان ظاهر ڪيو ته اهو ڏکڻ ايشيا ۾ امن جو خواهشمند آهي. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ٽوئيٽ ڪندي فواد چوڌري چيو ته ڪهڙي قوت آهي، جيڪا ان قدم سان مخلص ناهي، وزيراعظم عمران خان ڪرتارپور بارڊر کولڻ جو اعلان ڪري واضح ڪري ڇڏيو ته پاڪستان امن جو حامي آهي، پاڪستان راهداري کولي هڪ نئين تاريخ لکي رهيو آهي. سندس چوڻ هو ته اسان جي قدمن کانپوءِ تاريخ انهن جي باري ۾ فيصلو ڏيندي جيڪو غلط پاسي بيٺا آهن، ڪنهن جا قدم صحيح هئا ۽ ڪنهن جا غلط، ان ڳالهه جو فيصلو جلد ٿيڻ وارو آهي.27