ڪراچيءَ  ‏۾ چيني قونصليٽ تي حملو، 3 دهشتگرد مارجي ويا، 2 پوليس اهلڪار شهيد  

ڪراچي(مانيٽرنگ ڊيسڪ ) سنڌ راڄڌاني ڪراچي ۾  چيني قونصليٽ  دهشتگرد حملي جي نتيجي ۾ 2 پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويا، 3 دهشتگرد مارجي ويا، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ بلوچستان مان چيني ويزا لاءِ آيل پيءُ پٽ به مارجي ويا. ڪراچي پوليس چيف امير شيخ موجب اڄ صبح ساڍي نائين وڳي جي لڳ ڀڳ ٽن دهشتگردن چيني قونصل خاني ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي، پر گارڊ جي روڪڻ تي انهن فائرنگ شروع ڪري ڏني، جنهن جي جواب ۾ سفارتخاني تي مقرر سيڪيورٽي گارڊ پڻ فائرنگ ڪئي، ان دوران ڌماڪي جو آواز پڻ ٻڌو ويو. ڊي آءِ جي ڏکڻ جاويد عالم اوڍي تصديق ڪندي ٻڌايو ته جوابدارن طرفان ڪيل شروعاتي حملي ۾ چيني قونصليٽ تي مقرر 2 پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويا جڏهن ته هڪ سيڪيورٽي گارڊ کي زخمي حالت ۾ جناح اسپتال نيو ويو آهي. واقعي جو اطلاع ملندي ئي پوليس ۽ رينجرز جي وڏي نفري واقعي واري هنڌ پهچي وئي ۽ علائقي کي گهيري هيٺ آڻي ڇڏيو آهي. ٻئي پاسي اچ وڃ جي سمورن رستن کي سيل ڪري قونصليٽ ڏانهن ايندڙ ٽريفڪ کي روڪيو ويو . ڪراچي پوليس موجب سڪيورٽي فورسز وقت تي ڪارروائي ڪندي ٽنهي دهشتگردن کي ماري ڇڏيو آهي، جڏهن ته مارجي ويلن جي قبضي مان آپگهاتي جيڪٽس ۽ هٿيار به هٿ ڪيا ويا آهن. فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ بلوچستان مان ويزا لاءِ آيل پيءُ ۽ پٽ به مارجي ويا. ايس ايس پي ڏکڻ پير محمد شاهه جي سربراهي ۾ پوليس جي هڪ ايڊوانسڊ پارٽي سفارتخاني ۾ داخل ٿي چڪي آهي. ڪراچي پوليس چيف ڊاڪٽر امير شيخ موجب حملو ڪندڙ گاڏي ۾ سوار ٿي آئي جن گاڏي ڪجهه پري بيهاري ۽ پوءِ قونصل خاني ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي پر هو اندر داخل نه ٿي سگهيا. ڪراچي پوليس چيف موجب بم ڊسپوزل اسڪواڊ طرفان علائقي ۾ سرچ آپريشن ڪيو ويو، جڏهن ته واقعي واري هنڌ تان هڪ شڪي گاڏي به ملي آهي. ٻئي طرف هيليڪاپٽر جي مدد سان علائقي جي هوائي نگراني به ڪئي وئي. هوڏانهن وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيني قونصل خاني تي حملي جو نوٽيس وٺندي ايڊيشنل آءِ جي ڊاڪٽر امير شيخ کان واقعي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. وڏي وزير مراد علي شاهه چيني قونصل جنرل سان فون تي رابطو ڪري چيني قونصل جنرل کي سڪيورٽي جي هر ممڪن خاطري ڪرائي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *