ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ ) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيني سفارتخاني تي ٿيل حملي جي فوري جاچ ۽ سهولتڪارن جي گرفتاري جو حڪم ڏيندي شهيد اهلڪارن جي وارثن جي پرگهور لهڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. تفصيل موجب وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ امن امان جي صورتحال بابت هنگامي اجلاس ٿي گذريو. اجلاس ۾ وڏي وزير ڪراچي ۾ ٽارگٽڊ آپريشن وڌيڪ تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وڏي وزير چيني سفارتخاني تي حملي ۾ شهيد ٿيل پوليس اهلڪارن جي وارثن جو ڀرپور خيالن رکڻ جي هدايت ڪندي چيو ته حملي ۾ زخمي ٿيل خانگي سيڪيورٽي اهلڪار جو پڻ خيال رکيو وڃي. چيني سفارتخاني تي حملي جي شروعاتي رپورٽ وڏي وزير کي پيش ڪئي وئي. رپورٽ موجب واقعي ۾ ملوث 3 دهشتگردن مان هڪ جي سڃاڻپ ٿي وئي آهي، ڄاڻايل دهشتگرد بلوچستان حڪومت جو ملازم آهي. دهشتگرد عبدالرزاق ولد دين محمد جو تعلق خاران سان آهي. اجلاس ۾ آءِ جي سنڌ وڏي وزير کي بريفنگ ڏيندي ڄاڻايو ته ٽنهي دهشتگردن جي سڃاڻپ ٿي وئي آهي. وڏي وزير پڇاڻو ڪيو ته حملي آور ڪٿان آيا؟ ڪلفٽن تائين ڪيئن پهتا، رستي ۾ چيڪنگ ڇو نه ڪئي وئي. مراد علي شاهه چيو ته اسان ڪٿي ڪوتاهي ڪري رهيا آهيون نشاندهي ڪئي وڃي. اهو ڪيئن ممڪن ٿيو جو دهشتگرد پنهنجون ڪارروائيون ڪري رهيا آهن. هن چيو ته مونکي بهترين قسم جي جاچ گهرجي جنهن ۾ هر شيءَ واضح هجي. اهڙين واقعن کي منهن ڏيڻ لاءِ ايس او پي جوڙڻو پوندو. هن چيو ته دهشتگردي جي انت وارو کاتو ( سي ٽي ڊي ) ۽ ڏکڻ پوليس ان واقعي جي جاچ ڪندا. واضح رهي ته اڄ صبح پيش ايل بزدلاڻي ڪارروائي ۾ 4 دهشتگردن چيني سفارتخاني تي حملو ڪيو، جڏهن ته سيڪيورٽي تي مقرر 2 پوليس اهلڪار پنهنجي جانين جو نذرانو پيش ڪري دهشتگردي جي وڏي حملي کي ناڪام بڻايو .